نوشھروفيروز ويجھو شھادت حضرت بيبي فاطمه الزهره س جي حوالي سان ماتمي جلوس برآمد
نوشھروفيروز(ڊ ر) 3 جمادي الثاني شھادت حضرت بيبي فاطمه الزهره سلام الله عليها جي مناسبت سان مڪاتب پاڪستان طرفان ڳوٺ مٺاخان مري جي مسجد نور مصطفي صه کان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاه امام زين العابدين تي اختتام پذير ٿيو۔ ماتمي جلوس ۾ معصوم ٻارڙن سميت مومنين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ماتمي جلوس جي اڳواڻي مولانا محب علي منوري۔ مولانا ثمرحسين جعفري۔ وزير حسين مري۔ سجاد حسين۔ ملازم حسين۔ اشفاق حسين۔ علي شير مري۔ امير حسين۔ مهدي رضا ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔ مرڪزي امام بارگاه ۾ مجلس عزا کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رسول خدا جي نياڻي حسن و حسين جي امڙ وڏي فضيلتن ۽ عظمتن واري هئي جڏهن به رسول خدا پنهنجي نياڻي جي گهر ايندا هئا ته اجازت وٺي گهر ۾ داخل ٿيندا هئا پر افسوس رسول جي امت ۽ رسول پاڪ جو ڪلمو پڙھندڙ مسلمان ان دروازي تي باه کڻي آيا جتي جبريل ۽ نبي پاڪ انتظار ڪندا هئا۔ هنن چيو ته رسول پاڪ جي نياڻي تي اهي ظلم هن مهل تائين جاري آھن جو سندن قڀر هن وقت تائين اس تي آھي ۽ امتي سندن مزار ٺاهڻ جي اجازت به نه ٿا ڏين۔ رسول پاڪ جن فرمايو آھي ته جنهن به منهنجي نياڻي کي رنجايو ان مون کي رنجايو ۽ جنهن مون کي تڪليف ڏني ان منهنجي رب کي ناراض ڪيو ڪري اسان کي رسول پاڪ جي واٽ تي هلندي ان جي آل سان محبت رکڻ گهرجي۔
0 تبصرے