شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جي عھديدارن جو اجلاس

شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جي عھديدارن جو اجلاس

شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جي عھديدارن جو اجلاس

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور جي عھديدارن جو اجلاس درگاہ حضرت ميان فقیر ﷲ شاھ علوي تي ٿي گذريو جنهن صدارت ميان سائين تنسیر احمد علوي سرپرست اعلیٰ مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور ڪئي ۽ تعلقہ ڳڙهي ياسين جي عھديدارن کي حلف کڻايو.. مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور جي امير ميان سالم جان ھاشمي چيو ته جلد ضلعي شڪارپور اندر تنظيم سازي ڪئي ويندي. غلام مصطفيٰ برڑو چيو ته اسان جي جدوجهد جاري رهندي انقریب ملڪ پاڪستان ۾ نظام مصطفيٰ جو نفاذ ٿيندو. صاحبزاده حافظ فضل اللہ نوراني چيو ته هميشه مرڪزي جماعت اھلسنت اسلام سربلندي لاءِ ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي محمد آصف بلوچ. مولانا صبغت اللہ قادري. سيد زاهد حسين شاه بخاري ۽ ٻيا ڪيترائي موجود هئا.