ڪراچي جي ڪورنگي ۽ ڏکڻ ضلعن جي ليڊي هيلٿ سپروائيزرن جي لاءِ تقريب منعقد

ڪراچي جي ڪورنگي ۽ ڏکڻ ضلعن جي ليڊي هيلٿ سپروائيزرن جي لاءِ تقريب منعقد

ڪراچي جي ڪورنگي ۽ ڏکڻ ضلعن جي  ليڊي هيلٿ سپروائيزرن جي لاءِ تقريب منعقد

ڪراچي ( رپورٽر ) ملڪ ۾ اڻهوند سهولتن جو وڏو سبب ملڪ جي وڌندڙ آبادي آهي پر اسان جي ملڪ جو الميو اهو آهي ته حڪومت توڙي ڏيهي ۽ عالمي اين جي اوز اربين رپين جا فنڊ خرچ ڪرڻ باوجود ملڪ جي آبادي کي نه روڪي سگهيا آهن . ان حوالي سان غير سرڪاري سماجي تنظيم جي سهڪار سان ڪراچي جي ٻن ضلعن ڪورنگي ۽ ڏکڻ ضلعن جي ليڊي هيلٿ سپروائيزر کي ٻن ڏينهن جي تربيت ڏيڻ بعد سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي .تقريب ۾ ڊي جي صحت وقار محمود ميمڻ ،ڊاڪٽر عاشق حسين شاهه، ڊاڪٽر فرحانه ميمڻ، ڊاڪٽر ظفر ڏهراج ،امبرين بلوچ ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر راجڪمار، ڊاڪٽر افضل اوڍو،ڊاڪٽر فرخنده، ڊاڪٽر صدف ۽ ٻين ماهر ڊاڪٽرن توڙي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .ان موقعي تي ڊي جي صحت ڊاڪٽر وقار محمود ميمڻ جو چوڻ هو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي روڪڻ ۾ ناڪامي اصل تعليم جي شرح گهٽ هئڻ آهي، سماجي تنظيمون آبادي روڪڻ سان گڏ تعليم لاءِ به ڪم ڪن. ملڪ جي آبادي ڪيئن روڪجي ۽ ان لاءِ ڪهڙي نموني ڪم ڪيو پيو وڃي ، سرڪار توڙي نجي اين جي اوز کي ڇا ڪرڻ گهرجي ، ان حوالي سان ڊاڪٽرن توڙي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته آبادي گهٽائڻ لاءِ عوام به قدم اڳتي وڌائي .