نوشھروفيروز ۾ ھيلٿ پروفيشنل پئراميڊڪس ايسوسيئيش جو اجلاس ٿي گذريو

نوشھروفيروز ۾ ھيلٿ پروفيشنل پئراميڊڪس ايسوسيئيش جو اجلاس ٿي گذريو

نوشھروفيروز ۾ ھيلٿ پروفيشنل پئراميڊڪس ايسوسيئيش جو اجلاس ٿي گذريو

نوشھروفيروز (ڊر) ھيلٿ پروفيشنل پئراميڊڪس ايسوسيئيش سنڌ جي صوبائي اڳواڻ محمد قاسم کوسو جي صدارت ۾ گورنمينٽ ڊسپينسري ڇٽو برھماڻي جو اجلاس ٿي گذريو۔ صوبائي اڳواڻ جي آمد تي اسٽاف پاران گلن جي ورکا ڪري سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي ان موقعي تي سينيئر ڊسپينسر محترم علي حسن ملڪ ،سينيئر ڊسپينسر عبدالمجيد ملڪ، مڊوائيف نورجھان چنا کي ھيلٿ پروفيشنل پئراميڊڪس ايسوسيئيشن ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته هيء واحد تنظيم آھي جيڪا پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاء مسلسل جدوجهد ڪندي رهي آھي جڏهن ته ٻيون تنظيمون نالي ماتر قائم ڪري پنهنجي ئي گهر کي نقصان پهچائي رهيون آھن ان ڪري اڄ ٻين تنظيمن کي ڇڏي ھيلٿ پروفيشنل جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪندي شموليت جو اعلان ڪريون ٿ ـ ان موقعي تي علي حسن ملڪ پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ گلن جا ھار پارايا ويا ۽ ريفريشمينٽ جو اهتمام ڪيو ويو۔تقريب ۾ ھيلٿ پروفيشنل پيراميڊيڪس جا ساٿي راڻا ممتاز راجپوت ۽ محمد الياس ڪابورو پڻ موجود ھئاـ