نوابشاھ ۾ انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ريلي

نوابشاھ ۾ انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ريلي

نوابشاھ ۾ انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ريلي

نواب شاھ(ڊ ر) انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ھيومن رائٽس، ضلعي انتظاميه ۽ مختلف سماجي تنظيمن پاران ڊي سي آفيس کان ڊي او ايجوڪيشن سليم ڀٽي، اسد ميمڻ، اعجاز تيوڻو، ڊي ايس پي آصف آرائين، عابد لاشاري، ھيومن رائٽس جي مظھر ملاح، معظم علي جتوئي، ناديه خانزاده، سيد دانش شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نواب شاھ پريس ڪلب پھتي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته دنيا ۾ رهندڙ هر انسان کي عزت ۽ حرمت ۽ سڀني انسانن کي مساوي ۽ ناقابل انتقال حقوق کي تسليم ڪرڻ ۾ آزادي، انصاف ۽ امن جي بنياد آهي ۽ انهن جي لاءُ ضروري آهي تہ دنيا ۾ موجود سڀني قومن جي وچ ۾ دوستاڻا تعلقاتن کي وڌايو وڃي، ھنن چيو ته هر شخص کي پنهنجي زندگي جي آزادي ۽ تحفظ جو حق حاصل آهي، هر شخص کي حق آهي ته ان جي جي قانوني حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي ڇو ته تمام انسان آزاد ۽ حقوق ۽ عزت جي اعتبار سان برابر پيدا ٿيا آهن، ھنن چيو ته هر انسان کي پنهنجي زندگي جيئڻ جو پورو حق حاصل آهي.