جماعت اسلامي پاران حافظ نصرالله چنا کان ڦُر واري واقعي جي شديد مذمت

جماعت اسلامي پاران حافظ نصرالله چنا کان ڦُر واري واقعي جي شديد مذمت

جماعت اسلامي پاران حافظ نصرالله چنا کان ڦُر واري واقعي جي شديد مذمت

ڪراچي/هالا (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته صوبائي هڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي، امن امان جي نالي تي اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين هٿان ماڻهو يرغمال ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن. جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ۽ نامياري عالم دين حافظ نصرالله چنا کان خانپور ضلع شڪارپور ۾ ڦُر واري واقعي جي شديد مذمت ٿا ڪريون، امن امان جي نالي تي اربين رپين جي بجيٽ کان علاوه پيپلزپارٽي 03 ارب ۽ موجوده نگران سرڪار ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي تي وڌيڪ 03 ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود عوام اڄ به امن کان محروم آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن فقط ڏيکاءُ، عوام اڄ به رهزنن ۽ ڦورن جي رحم ڪرم تي، پوليس ۽ سنڌ حڪومت رڳو بيان بازي ۽ فوٽوسيشن ۾ مصروف آهي. جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت پاران امن امان جي نالي تي 155 ارب رپين جي سالياني بجٽ کان علاوه ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي تي 06 ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن، پ پ ۽ نگران سرڪار طرفان به اربين رپيا ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي تي خرچ ڪيا ويا، پر سنڌ جو عوام اڄ به غير محفوظ ۽ ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙيلن هٿان يرغمال آهي انڪري حڪومت امن امان جي قيام توڙي ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي خاتمي لاءِ موثر اُپاءُ کڻي. سنڌ پوليس ڏوهارين سامهون بي وس، جڏهن خود پوليس اهلڪار اغوا ٿيندا ۽ ڍيل ذريعي بازياب ڪرايا وڃن ته عام ماڻهوءَ ڪنهن تي ڀروسو ڪري؟ جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ کان ڦُر جي واردات امن امان قائم ڪرڻ جي دعويدار آءَ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز جي منهن تي چماٽ آهي. ياد رهي ته سومر11 ڊسمبر تي صبح جو سوير ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور ميڙاڪي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ويندڙ حافظ نصرالله چنا کان خانپور ويجهو هٿياربند ڌاڙيلن ڏيڍ لک رپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڪاشف شيخ وڌيڪ چيو ته ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي انتظاميه توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙي قسم جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بي وس ۽ عملي قدم کڻڻ کان لاچار آهن جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ڏوهارين کي بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي. جماعت اسلامي ڪنهن به صورت ۾ صوبي ۾ امن امان جي بدترين صورتحال تي خاموش ڪونه ويهندي نه وري عام ماڻهن کي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيندي. هن صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان پُرزور مطالبو ڪيو ته جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا کان ڦُرٿيل رقم ۽ موبائل فون واپس توڙي واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس، ڊي سي هائوس سامهون احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا. هوڏانهن واقعي جي خبر ملندي ئي وڏي تعداد ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن خانپور پهچي ويا ۽ صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري پوليس ۽ بدامني خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.#