ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو

ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو

ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ڪراچي جي وري دنيا جو خوبصورت ۽ پرامن شھر بنائڻو آھي. سنڌ جي ترقي لاءِ اڻبرابري ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻي هوندي. ڪراچي ملڪ جي معيشت جو مرڪز آھي، ان جي تباھي ملڪ دشمني آھي. سنڌ جا ماڻھو علم ۽ ترقي چاھين ٿا، انھن تي ٻيھر نئون تجربو نہ ڪيو وڃي. ھن اظھار ڪراچي يونيورسٽي ۾ يوٿ ڪانفرنس کي مھمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. يونيورسٽي ۾ پھچڻ تي شاگردن اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته اردو، پنجابي، پشتون، سرائيڪي ۽ بلوچ اسان جا ڀائر آھن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري لکين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون ويون ۽ انٽري ٽيسٽ ذريعي ميڊيڪل جون سيٽون نيلام ڪيون ويون. اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جو تسلسل آھي.ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي پيسن تي ووٽ خريد ٿي ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ لاء ھر سنڌ دشمن فيصلو قبول ڪرڻ لاء تيار آھي. پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ حڪمران خوشحال آھن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي. سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جي ماڻھن جو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي. ملڪ ۾ جمھوريت ۽ آئين جي بالادستي چاھيون ٿا. سنڌ جي لٽيل ھڪ ھڪ روپئي جو حساب سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ پورھيت وٺندا. سنڌ، بولچستان ۽ ڏکڻ پنجاب غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جي گھيري ۾ آھن. پاڪستان جي ھڪ نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي. سنڌ جا مزدور بيروزگار ۽ انھن جا ٻار تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد پندرنھن سالن کان شديد احساس محرومي جو شڪار آھن. دانائي کان ڪم نہ ورتو تہ چين آمريڪا ٽڪراءَ ۾ اسان نقصان ۾ اينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ علم، ادب ۽ ثقافت کانسواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آھن. سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاھي مان نجات ڏيارڻي آھي. اسان جو ادب ۽ فن امن، برابري ۽ محبت جي بنياد آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سياسي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني معيشت ۽ عوام کي نشانو نہ بڻايو وڃي.