English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ثقافتي عيد تي سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪون
163 views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران ثقافتي عيد تي سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ثقافتي عيد جون سموري سنڌي قوم ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي تہ سنڌ عوام پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪري ٿي اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي قوم ھميشہ پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي۔ ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي۔ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رھيو آھن۔ پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاء بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي۔ سنڌ جي خطرن جو مقابلو علم، تعليم، ڄاڻ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي۔ جيڪڏھن بدلجندڙ دنيا سان گڏ پاڻ کي تبديل نہ ڪيوسين، پاڻ علم ۽ ٽيڪنالاجي جو رستو نہ ورتو تہ ھي دنيا ڏاڍي ظالم اٿو۔ تبديلي چاھي پاڻ کي آسمان جي بلندين تي کڻي وڃي تبديلي چاھي تہ زمين تي ڌوڙ ڪري پيرن ۾ چٿي ڇڏي۔ سنڌيو پاڻ کي تبديل ڪيو چئلينجن سان مقابلي لاء، پاڻ کي تبديل ڪيو اڳتي وڌڻ لاء، پاڻ کي تبديل ڪيو طاقت بنجڻ لاء، عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، پنهنجي سماج ۾ اڌ ساڍا ٽي ڪروڙ عورتون ھيٺ ھونديون تہ ڪجھ ڪون ٿيندو۔ سنڌ ۾ اقليتون غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ فارسي غير محفوظ ھوندا تہ پاڻ ترقي ڪون ڪري سگھنداسين، پاڻ اھي سنڌي آھيون جيڪي ھوليون، ڏياريو، ڪرسمس ملھائيندا آھيون، پاڻ کي اھو پيغام ڏيڻو آهي سڄي پاڪستان ۽ دنيا کي تہ اسان رواداري ۽ برابري ۾ يقين رکون ٿا. اسين پرامن ۽ باوقار تھذيب جا وارث آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نہ ھجن ھا تہ سنڌ ھيئن تباھ ۽ برباد نہ ٿئي ھا۔ جيڪڏھن فيصلا جرڳن بدران عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ ٿين ھا ۽ اسيمبليون ۽ عدالتون اھڙيون ھجن ھا، جن تي عوام کي اعتماد ھجي ھا تہ سنڌ جو حشر اڄ ھھڙو تباھ ۽ برباد ٿيل نہ ھجي ھا۔ سنڌ کي تعليم، ميرٽ روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي۔ سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي، قبضاگيري نہ کپي، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون قبضاگير اسڪيمون نہ گھرجن۔ مختلف منصوبن جي نالي ۾ ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا نہ گھرجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء
0 تبصرے