ٺٽو: شيرازي ھائوس تي قادر ڏنو شاھھ ۽ اعجاز علي شاھھ جي ورسي بابت گڏجاڻي

ٺٽو: شيرازي ھائوس تي قادر ڏنو شاھھ ۽ اعجاز علي شاھھ جي ورسي بابت گڏجاڻي

ٺٽو: شيرازي ھائوس تي قادر ڏنو شاھھ ۽ اعجاز علي شاھھ جي ورسي بابت گڏجاڻي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) شيرازي ھائوس ٺٽي تي ٺٽي جي شيرازي خاندان جي بزرگ ھستي الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ لاڙ جي مشھور سياستدان، اڳوڻي صوبائي وزير الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽين ورسي تقريب 10 ڊسمبر آچر جي ڏينھن ملھائڻ جي سلسلي ۾ ورسي تقريب کي حتمي شڪل ڏيڻ لاء ھڪ اھم گڏجاڻي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ شيرازي ڀائرن پاڳارو سيد اسماعيل شاھ شيرازي، سيد فياض حسين شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيد مھتاب شاھ شيرازي، سيد سرور شاھ ڀاڏائي، سيد منير شاھ شيرازي، حاجي محمد حنيف ميمڻ سميت ضلعي ٺٽي جي ننڍن، وڏن شھر توڙي ڳوٺن جي رھواسي معززين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جو چيئرمين ادا محمد ميمڻ، علي دوست مسڻ، وڏيرو عرس گندرو، روشن علي پاتڻي، حاجي خير محمد بروھي، وڏيرو الھبخش عرف بابو بروھي، سردار مھراللہ بروھي، ھاشم سولنگي، يوسي چيئرمين ڇتوچنڊ محمد عيسيٰ ھيجب، يوسي چيئرمين جھمپير حاجي فيض بروھي، حاجي شفيع محمد ڪھيو، محمد خان ملاح، محمد ايوب ملاح، غلام نبي ٻٻر، نانا گندرو، عبدالله ڪيھر، عبدالمجيد پنھور، عبدالجبار سومرو، حاجي انور پارھيڙي، حاجي خان پارھيڙي، عبدالغني قريشي، اسلم جاکرو، عبدالجبار ٻاٻڙو، غلام نبي عرف گلابي ملاح، عبدالمجيد خاصخيلي، روشن ناھيو، ابراھيم ڪانھ، رمضان ملاح، مولوي قاسم چانڊيو، عبدالرزاق ڪلمتي، شفيق جوکيو، يوسف لاشاري، منصور قادر لاشاري، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، حاجي علي نواز جاکرو، حاجي حسن جاکرو، الھجڙيو برفت، سردار شاھد بروھي، غلام مصطفي بروھي، شير ھالو، الھڏنو ھالو، الھڏنو ڀٽي، عبدالحڪيم گندرو، حاجي سومار گندرو، عبدالحق، واحد بروھي، ممتاز بڪڪ، رئيس محمد سليم جاکرو سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ورسي تقريب کي حتمي شڪل ڏيندي مختلف ڪميٽيون جوڙي انھن کي پنھنجون پنھنجون ذميواريون سونپيون ويون. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ 10 ڊسمبر تي سندس ڏاڏي الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ سندس والد بزرگ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽين ورسي تقريب شيرازي ھائوس ٺٽو تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي، جنھن ۾ قران خواني بعد الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي زندگي تي مقررين روشني وجھي کيس سندس ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪري الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي عوامي خدمتن تي ٺاھيل ڊاڪومينٽري پيش ڪرڻ سميت آخر ۾ آيل سمورن ماڻھن کي خيرات جي ماني پڻ کارائي ويندي. ھن چيو تہ سيد اعجاز علي شاه شيرازي جنھن جو سياست ۾ اعليٰ ڪردار رھيو پاڻ سدائين سياسي حوالي سان غريب طبقي جي ترجماني ڪري جن ماڻھن جي ڪامورن تائين رسائي نه ھئي ھو پنھنجي جائز ڪم لا۽ به ڀٽڪندي ڏٺا ويندا ھئا، اھڙن بي سھارا ماڻھن سان سيد اعجاز علي شاه شيرازي خوب نڀائي انھن سان ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي وڃي ڪامورن سان ملائي انھن جا جائز مسئلا حل ڪرائيندو ھو، سندس اھڙين عوامي خدمتن تي سيد اعجاز علي شاه شيرازي اڄ به اسان سميت لکين دلين ۾ زنده آھي، جيڪو 10 ڊسمبر 2020 تي ھي عظيم انسان لکين دلين کي سوڳوار ڪري وڃي پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليو. ھن ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان سميت سموري سنڌ جي ماڻھن کي ھن ورسي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي، شريڪ ٿي ثواب ڌارين حاصل ڪندا. ان موقعي تي آيل مختلف برادرين جي معززين کين ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي ويئي.