اسان جو ڪيس ٻڌندڙ جج کي غيرمعمولي طور بدلي ڪيو ويو آھي: ام رباب چانڊيو

اسان جو ڪيس ٻڌندڙ جج کي غيرمعمولي طور بدلي ڪيو ويو آھي: ام رباب چانڊيو

اسان جو ڪيس ٻڌندڙ جج کي غيرمعمولي طور بدلي ڪيو ويو آھي: ام رباب چانڊيو

ميھڙ (رپورٽر) ٽن مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ منھنجي جدوجھد مظلوم ماڻھن لاء آھي ھي ھنگامي پريس ڪانفرنس جو مطلب اسان جو ڪيس جنھن جج صاحب وٽ ھلي رھيو اھو جج صاحب حافظ عطاالله شيخ جي غير معمولي طور بدلي ڪيو ويو آھي جنھن سان اسان گھٻرائجي ويا آھيون ۽ پريشان آھيون اگر عام بدليون ٿين ھان ته اھڙو تاثر نه ٿئي ھا ھن چيو ته اسان جي پريس ڪانفرنس عدليه خلاف نه آھي پر مان چيف جسٽس کان مطالبو ڪري رھي آھيان ته اگر ھن وقت اسان جي ڪيس ۾ جج صاحب تبديل ٿئي ٿو ته سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو جج صاحب جي اچانڪ بدلي اسان جي ڪيس م سوال پيدا ٿي رھيا آھن اسان سمجھون ٿا ته سردار اسان جي ڪيس م اثرانداز ته رھيا آھن جج صاحب سموري ڪيس ۾ ڏٺو آھي اھو ٻنھي ڌرين جي رويي کان واقف آھي ھن وقت جڏھن جوابدار برھان خان چانڊيو ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو آھي جج صاحب پاران ھن کان پڇا۽ ڪئي ۽ ملڪ ڇڏڻ ڪاغذات جي گھر ڪرڻ بعد اچانڪ جج صاحب کي بدلي ڪيو ويو آھي اسان جو عدالتن تي اعتماد آھي اگر ھي جج بدلي ٿي ويو آھي تہ يقين آھي تہ ڪيس ۾ دير ٿيندي نئين جج کي ڪجھ وقت لڳندو ھڪ سال به سندس مقرري ناھي ائين جج بدلي ٿيندا رھندا پوء اسان جي ڪيس جو ڇا ٿيندو نئين جج اچڻ سان ان کي اسان جو ڪيس سمجھڻ ۾ وقت لڳندو اسان جو ڪيس اڳ ۾ ئي دير ٿي وئي آھي چيف جسٽس نوٽيس وٺي اسان جو ڪيس يا ته ٻئي صوبي ۾ ٽرانسفر ڪري يا اھڙو جج مقرر ڪري جيڪو سمورو ڪيس ھلائي ھن پريس ڪانفرنس جو مقصد چيف جسٽس سنڌ ۽ پاڪستان کي اپيل ڪرڻ آھي تہ مان پنھنجي وارثن جي قتل ۾ ملوث ماڻھن کي سزا ڏيارڻ آھي پر ائين ڪرڻ سان انصاف ۾ دير رهندي آئين ۾ اھو آھي تہ صرف ھڪ جج کي بدلي نه ٿو ڪري سگھي اسان جو ڪيس ھن وقت اھم موڙ تي آھي ان ڪري ضروري آھي تہ ساڳيو جج مقرر ھجي ھن ڪيس ۾ دير ڪرڻ جو ھربو آھي جج صاحب کي جڏھن پورو ڪيس سمجھ ۾ اچي ويو ھيو ته سندس بدلي چو اسان ڪنھن به جج جي فرمائش نه ٿا ڪريون پر آئين جي تقاضا پوري ڪرڻ گھرون ٿا ان ڪري اسان جي ھن ڪيس جو نوٽيس وٺي اسان ھن ڪيس ۾ وڌيڪ دير نه ٿا ڪرڻ چاھيون سردار اسان کي ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا عدالتون انصاف ڪنديون ته ماڻھن جو اعتماد ٿيندو ھن چيو ته بدلين سان اسان جي ڪيس ۾ غير معمولي دير ٿيندي ان ڪري چيف جسٽس نوٽيس وٺي بدلي جو ڪو به سبب ناھي ڪنھن به ڌر جج تي بي اعتمادي ناھي ڪئي اسان ڪٿي فرياد ڪريون