شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، عورت کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، عورت کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، عورت کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

شڪارپور ( احسان ابڙو )شڪارپور پوليس جي بروقت ڪارروائي، ڪارو ڪاري جي شڪ جي بنياد تي عورت جي قتل ۾ ملوث ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار هٿ ڪيو ويو تفصيل موجب ٻه ڏينهن اڳ ٿاڻي سلطان ڪوٽ جي حد ڳوٺ صاحب خان بڪيجو جي هڪ گهر ۾ مسمات نصيب فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي وڃڻ جو اطلاع پوليس کي مليو. شروعاتي طور تي مقتول جي وارثن موت کي خودڪشي قرار ڏنو. اهڙي اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ ۽ پوليس ٽيم کي هدايت ڪندي چيو ته واقعي واري هنڌ جو تفصيلي معائنو ڪري واقعي جي اصل حقيقتن کان آگاه ڪيو وڃي ۽ تمام تر قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سلطانڪوٽ واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جو تفصيلي معائنو ڪيو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ۽ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. حالتن ۽ واقعن موجب خودڪشي جو شڪ هجڻ ۽ قتل جو شڪ ڪندي پوليس مقتول جي مڙس زبير ولد اقبال ۽ ڏير گلزار ولد اقبال بڪيجو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مقتول جي مڙس پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڪارو ڪاري جي شڪ تي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي زال مسمات (نصيب) کي قتل ڪيو هو. جاچ دوران جوابدارن ڏوھ جو به پڻ اعتراف ڪيو. گرفتار مک جوابدار جي نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل به پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.جوابدارن جي خلاف پوليس جي فرياد تي ٿاڻي سلطان ڪوٽ تي ڪيس نمبر 35/2023 قلم 302، 311، 34 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت داخل ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.