English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌي آبادي ۾ رھندڙ ڌرتي ڌڻين کي لڏائڻ جي ڪوشش، ڌرڻو
views
|
07th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌي آبادي ۾ رھندڙ ڌرتي ڌڻين کي لڏائڻ جي ڪوشش، ڌرڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد اندر 2010 جي مھا ٻوڏ ۾ لڏپلاڻ ڪري آيل ڌرتي ڌڻين کي انتظاميا پاران لڏائڻ جي ڪوشش. متاثر ماڻھو پنھنجا اجھا بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا. ريلي ڪڍي احتجاج. مري سگھون ٿا پر پنھنجا اجھا خالي نه ڪنداسين اسان کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو سڀاڻي روڊن تي نڪري جنگ جو اعلان نه ڪيون. پير فرخ شاھ سرھنديتفصيل موجب ڪراچي جي جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد ۾ رھندڙ غريب مسڪين پورھيتن جي جھوپڙين کي خالي ڪرائڻ واري سازش خلاف سوين ٻوڏ متاثر گھرن مان نڪري پير فرخ شاھ سرھندي. ڊاڪٽر الطاف ميمڻ۔ ھارون جمالي. امام زادي مگسي. رمضان گبول. ڪنول باگڙي. پپو تماچي. راڻي باگڙي. روشن پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب اڳواڻن چيو ته 2010 جي مھا ٻوڏ ۾ لڏپلاڻ ڪري آيل مسڪين ماڻهوَ 14 سالن کان جمالي پل ڀرسان آباد آهن. ھنن چيو ته اسان جون ھتي ڪي بلڊنگون قائم ناھن ٿيل ۔ انتظاميا غريب مسڪين پورھيتن جون جھوپڙين کي خالي ڪرائڻ لاء رات کان وٺي دٻاء وجھي رھي آھي. اسان ڪنھن بہ صورت ۾ پنھنجيون جھوپڙيون خالي نه ڪنداسين. ھن مھانگائي جي دور ۾ غريب ماڻھو پنھنجو پيٽ به سورن سان پالي رھيا آھن انھن کي جيڪڏهن گھرن کان بي گھر ڪيو ويندو ته ھي مسڪين ڪيڏانهن ويندا. اسان ڌرتي ڌڻي آھيون ھن ڌرتي جا رھواسي آھيون. اسان لاء بغير ڪنهن جواز جي ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. انتظاميه کي غير ملڪي افغان پناهگيرن جا گھر نظر نٿا اچن انھن جي آبادين کي بنيادي سهولتون ڏنيون ويون آهن. پر ھتي سنڌ آباد ۾ ھن جديد دور ۾ به بجلي گيس. پاڻي جي سھولتون ميسر ناھن. مظاهرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته جمالي پل ڀرسان قائم سنڌ آباد ۾ رھندڙ ٻوڏ متاثرن خلاف ڪارروائي کي روڪي غريب مسڪينن جا اجھا ڊاھڻ کان بچايا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th May 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
صحت – الله پاڪ جي عظيم نعمت
07th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی اخبار کی جانب سے پاکستانی فضائیہ کے ہاتھوں بھارتی طیاروں کے مار گرائے جانے کی تصدیق
07th May 2025
•
تازہ ترین
پاکستانی جنگی طیاروں کی کامیابی کے بعد چینی کمپنی کے شیئرز میں اضافہ
07th May 2025
•
تازہ ترین
بھارت کے حملے میں پاک فوج کے افسر کا 7 سالہ بیٹا شہید
07th May 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
صحت – الله پاڪ جي عظيم نعمت
07th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی اخبار کی جانب سے پاکستانی فضائیہ کے ہاتھوں بھارتی طیاروں کے مار گرائے جانے کی تصدیق
07th May 2025
•
تازہ ترین
پاکستانی جنگی طیاروں کی کامیابی کے بعد چینی کمپنی کے شیئرز میں اضافہ
07th May 2025
•
تازہ ترین
بھارت کے حملے میں پاک فوج کے افسر کا 7 سالہ بیٹا شہید
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي جي جمالي پل
قائم سنڌ آباد
مھا ٻوڏ ۾
ڌرتي ڌڻين
0 تبصرے