ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم سنڌ جي هر شعبي کي تباهھ ڪري ڇڏيو: محمد حسين محنتي

ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم سنڌ جي هر شعبي کي تباهھ ڪري ڇڏيو: محمد حسين محنتي

ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم سنڌ جي هر شعبي کي تباهھ ڪري ڇڏيو: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پ پ جي سنڌ ۾ لاڳيتو 15 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود سنڌ جي سونھن ۽ واحد سياحتي مرڪز گورک هل پروجيڪٽ ۾ به بهتري نه آڻي سگهي، ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم سنڌ جي هر شهر کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، گورک هل سميت سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ديانتدار قيادت سان جُڙيل آهي، سنڌ جو عوام 08 فيبروري تي اهل ۽ باڪردار قيادت جي چونڊ ڪري سجاڳي جو ثبوت ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرشاهنواز لائبرري لاڙڪاڻي ۾ شعبه اطفال پاران انعامن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير قاري ابوزبير جکرو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ساليانو پنج هزار جي ڪرپشن جي ذميوار ٽئي وڏيون پارٽيون آهن، پي ڊي ايم 16 مهينن جي حڪومت ۾ سڀئي جماعتون گڏ هيون هاڻي چونڊ ويجهو اچڻ شرط هڪٻئي خلاف بيان بازي عوام کي بيوقوف بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي، هڪٻئي جي سهولتڪار انهن جماعتن جا مفاد هڪ ۽ انهن کي ملڪي ترقي توڙي قوم جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪابه پرواهه ڪونه آهي.