English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي: اياز لطيف پليجو
views
|
29th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. ٻوڏ سبب سنڌ جا ماڻھو معاشي طور پٺتي پئجي ويا آھن. ٻوڏ سبب لکين متاثرن جا گھر ڊھي ويا. مال مري ويو ۽ فصل ٻڏي ويا. پ پ حڪومت ان متاثرن جي بحالي نہ ڪري سگھي آھي. ڊجيٽل آدمشماري ۾ انھن متاثرن جي ڳڻپ نہ ٿي سگھي. لکين ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي ھا تہ اھي معاشي طور پيرن تي بيھي وڃن ھا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي سياسي مفادن لاءِ عالمي امدادي ادارن کي واھر کان روڪيو ۽ متاثرن جي بحالي بدران ماڻھن کي فقير بنايو. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ترقي ۾ باقي صوبن کان پوئتي رھجي وئي آھي. قبيلائي جھيڙا ۽ بدامني ناسور بنجي ويا آھن. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا اھي ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومتي وڏيرا ڏوھارين جا سرپرست بنيل آھن. منشيات جو زھر نوجوانن ۽ ٻارن کي تباھ ڪري رھيو آھي. سنڌ جا ماڻھو امداد جي آسري بدران پنھنجي پيرن تي بيھن، نوجوان ھنر سکن ۽ ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ اچي ڪاروبار ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا محنت ۽ ميرٽ وارن جي آھي. پ پ چاھي تہ ٿي ماڻھو سوال نه ڪن. محنت ۽ تعليم کان پري ھجن ۽ ووٽ ڏيڻ جي مشين ھجن. اھي فقير ھجن، خيرات جي آسري بنگلن جي اڳيان گھمندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي اڃا وڌندي. حڪمرانن جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. ايندر اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن کي رد ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
پيپلزپارٽي
0 تبصرے