سماجي تنظيم ثمر ورھين کان تمباڪو نوشي خلاف ڪم ڪري رھي آھي: اسما بي بي

سماجي تنظيم ثمر ورھين کان تمباڪو نوشي خلاف ڪم ڪري رھي آھي: اسما بي بي

سماجي تنظيم ثمر ورھين کان تمباڪو نوشي خلاف ڪم ڪري رھي آھي: اسما بي  بي

نوشهروفيروز (ڊ ر) حيدرآباد ثمر سماجي تنظيم جي ڊويزنل ڊائريڪٽر ميڊم اسما بي بي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته اسان جي تنظيم ڪيترن ئي سالن کان تمباڪو نوشي ۽ تمباڪو استعمال ڪندڙ ماڻهن جي حقن جي لاء پاڪستان ۽ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي جتي تمباڪو نوشي وڌيڪ آهي ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جا نوجوان به تمباڪو سميت ٻين مضر صحت شيون واپارئين پيا ثمر تمباڪو نوشي جي سلسلي ۾ قانون سازي ڪرڻ لاء اڳتي اچئون پيا ۽ نگران حڪومت پڻ ان تي پابندي عائد ڪرڻ لاء ڪوشش ڪري رهي آهي پهرين مرحلي ۾ سرڪاري ادارن ۾ سگريٽ نوشي تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي هن نگران حڪومت کي درخواست ڪئي ته تمباڪو نوشي جي روڪٿام جي لاء ٽبيڪو وينڊر ايڪٽ آندو وڃي ته جيئن دڪاندار لائسنس کان بغير تمباڪو فروخت ڪري نه سگهن جنهن سان تمباڪو نوشي جي روڪٿام يقيني بڻجي ويندي