English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آصف زرداري جي تجويز ڪيل حڪومت جو مطلب جاگيردارن، سرمائيدارن کي قوم مٿان مسلط ڪرڻ آهي: سراج الحق
views
|
28th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
آصف زرداري جي تجويز ڪيل حڪومت جو مطلب جاگيردارن، سرمائيدارن کي قوم مٿان مسلط ڪرڻ آهي: سراج الحق
ڪراچي/ سکر (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي تجويز ڪيل قومي حڪومت جو مطلب جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ ٻاهران آيل ٽيڪنوڪريٽس کي قوم مٿان مسلط ڪرڻ آهي، ساڳيو گروه ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عوام جو رت چوسي رهيو آهي، قومي حڪومت جو آئين ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونهي، قوم 16 مهينا 13 جماعتن جي گڏيل حڪومت ڏسي ڇڏي جيڪي چئي رهيا آهن ته “ ملڪ ابو بچائيندو” عوام کي ٻڌائن ته پهريان ڪير اقتدار ۾ هو؟ ڪراچي کي تباه ڪيو ويو، پ پ، ن ليگ غزه جي مظلوم عوام لاءِ هڪ ريلي يا جلسو به ڪونه ڪيو، آمريڪي سامراج کان خوفزده حڪمران طبقو چوي ٿو ته فلسطين انهن جو اشو آهي ئي ڪونه، ڪورونا، سيلاب ۾ غريب پاڪستانين جي خبر لهڻ به هنن جو مسئلو ڪونه هو، هنن جو مقصد فقط خود ۽ پنهنجي ٻارن کي اقتدار ۾ رکڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وڏيون ملڪيتون ٺاهڻ آهي، عوام ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان جڏهن ته حڪمران طبقي جي بينڪ بيلنس ۽ شگر ملز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ ڪلچرل سينٽر سکر ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران رٿيل انتخابي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سراج الحق وڌيڪ چيو ته نام نهاد وڏيون پارٽيون، بيوروڪريسي ۽ دولت جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون انهن جي ليڊرشپ ۾ ڪابه اهليت ڪونهي هن ڀيري عام چونڊن ۾ آزمايل پارٽين جي ڪاميابي جو مطلب پاڪستان جي شڪست هوندي، قوم 08 فيبروري تي مافيا جي سياست کي دفن ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ جماعت اسلامي جا اُميدوار اهو نه ڏسن ته سندن مقابلي ۾ ڪيڏو وڏو جاگيردار بيٺل آهي، اوهان اسلام، پاڪستان جا سفير ۽ عوامي خدمت جا مثال آهيو، جيڪڏهن افغانين آمريڪا ۽ فلسطين ۾ حماس اسرائيل جهڙي طاقتن کي شڪست ڏني آهي ته اسان به پاڪستان ۾ سامراج جي ايجنٽن کي شڪست ڏينداسين. اسان جي تحريڪ ۾ مايوسي جي ڪابه جڳهه ڪونهي، نااُميدي ڪينسر کان بدتر، ڪاميابي ان ۾ آهي ته الله ۽ سندس مخلوق سان کان راضي ٿي وڃي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي سڀ کان پهريون ڪم وياج واري نظام کي ختم ڪرڻ جو ڪندي، پي ڊي ايم اقتدار ۾ رهي جنهن جي سربراهي هڪ مذهبي جماعت جي قائد ڪئي اُميد هئي ته هو وياج کي ختم ڪرائيندو، پر ائين نه ٿي سگهيو، جماعت اسلامي اهو ڪم ڪندي، اسان معيشت کي زڪواة ۽ عشر جي اصولن تي جوڙينداسين. پي ٽي آءِ مديني جي رياست جو واعدو ڪري قوم جا پوڻا چار سال ضايع ڪيا، جماعت اسلامي نوجوانن ۾ مقبول ٿي رهي آهي اسان پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ سرڪاري زمينون مُفت تقسيم انهن کي روزگار ڏينداسين. جماعت اسلامي غزه جي مظلوم مسلمانن لاءِ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت وڏن شهرن ۾ ملين مارچ ڪيا، قومي فلسطين ڪانفرنسون منعقد ڪيون، سفيرن سان ملاقاتون، اهل غزه جي عملي مدد لاءِ اسلامي ملڪن جا دورا ڪيا، پر افسوس حڪمران طبقو مڪمل خاموش تماشائي بڻيل رهيو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ حق ۽ باطل جي ويڙهه جاري آهي باطل خلاف خاموشي به ان جي مدد ڪرڻ برابر آهي، قوم فلسطين ۽ ڪشمير کي آزاد ڏسڻ چاهي ٿي ته جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. پاڪستان ظالم جاگيردارن، لينڊ ۽ ڊرگ مافيا لاءِ ڪونه ٺهيو هو، ملڪ ان لاءِ آزاد ٿيو هو ته هتي اسلامي نظام قائم ٿئي، بي لاگ احتساب ۽ عدل توڙي انصاف جو مان مٿاهون ٿئي جتي هرشخص جي جان، مال ۽ عزت محفوظ هجي. صرف جماعت اسلامي ئي اسٽيٽس ڪو کي ختم ڪري سگهي ٿي. سراج الحق جماعت اسلامي جي نامزد اُميدوارن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ 60 ڏينهن جو لائحه عمل جوڙي عوام وٽ وڃن ۽ جماعت اسلامي جي فلاحي پاڪستان جو پيغام عام ڪن. مرڪزي امير پراڻي سکر ۾ مدرسه تفهيم القرآن جي نئين عمارت جو سنگ بنياد پڻ رکيو. انتخابي ڪنوينشن کي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ، مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، نائب امير ممتاز حسين سهتو، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪيو جڏهن ته عورت ونگ جي عطيه نثار، رخشنده منيب سميت اپر سنڌ جي 11 ضلعن مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نامزد اُميدوارن، ضلعي اميرن به شرڪت ڪئي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان اسٽيل ملز مان وڌيڪ 22سئو ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: غلام الله ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ 52 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪشمور: جسقم پاران سنڌ پنجاب دنگ ڊيرا موڙ وٽ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، ڪئنال منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو قرار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي: جسقم جي پيادل مارچ ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جي به شرڪت، سنڌ دشمن منصوبا رد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي/
سکر
امير جماعت اسلامي پاڪستان
سراج الحق
0 تبصرے