ٺٽي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه پاران مختلف علائقن جو دورو

ٺٽي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه پاران مختلف علائقن جو دورو

ٺٽي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه پاران مختلف علائقن جو دورو

ٺٽو( ڊر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو پاران مختلف علائقن جو دورو ، ضلعي ۾ ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه ضلعي ۾ ھلندڙ پوليو مهم جي نگراني لاءِ مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪري پوليو ٽيمن جي موجودگي ۽ سندن ڪارڪردگي جو جائزو ورتو - ان موقعي تي ھن مختلف پوليو مرڪزن ۽ ٽرانزسٽ پوائنٽس تي موجود پوليو جي ورڪرن کي سختي سان ھدايت ڏيندي چيو هو سچائي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان پنهنجا فرائض سر انجام ڏيندي پنج سالن تائين عمر جي سمورن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين ته جيئن ڪوبه ڀار پوليو جي ڦڙا پيارڻ کان رھجي نه وڃي ۽ مھم کي سو فيصد ڪامياب بڻائي مستقبل جي معمارن کي ھميشہ لاءِ معذوري کان بچائي سگهجي - ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه چيو ته ھي ھڪ قومي فريضو آهي جنهن ۾ اسان سڀني کي عملي طور وڌ کان وڌ حصو وٺڻ کپي ته جيئن ھميشہ لاءِ پوليو جھڙي موذي مرض جو ھميشہ لاءِ خاتمو ڪري سگهجي - ان موقعي تي اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجیش ڪمار ، ڊاڪٽرز ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا