English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منعقد
201 views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منعقد
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منعقد: ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان سندس آفيس ۾ اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين کان علاوہ اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايجوڪيشن ورڪس، تعليم، صحت، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڊسمبر 2023ع جي آخر تائين سمورين تجويز ڪيل پولنگ اسٽيشنن جي مرمت سميت پاڻي، بجلي، بائونڊري وال، واش رومز ۽ ٻين مسنگ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ووٽرن ۽ پولنگ عملي کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منھن ڏيڻو نہ پوي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پولنگ اسٽيشنن جي ترقياتي ڪمن جي مانيٽرنگ کي يقيني بڻائين ۽ پولنگ اسٽيشنن جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺي اھڙي رپورٽ پيس ڪن تہ جيئن اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صاف، شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن طريقي سان چونڊن لاري عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميہ جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آھي، ان ڏس ۾ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب ۾ آڻيندي سمورا گھربل انتظام مڪمل ڪن. هن سمورن آفيسرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي گريڊ 5 کان گريڊ 20 تائين جي سمورن ملازمن جي لسٽ فارميٽ مطابق جلد کان جلد ضلعي اليڪشن ڪمشنر وٽ جمع ڪرائين تہ جيئن کين چونڊن واري عمل بابت تربيت ڏئي پولنگ عملي طور مقرر ڪري چونڊن واري عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي سجاول
ڊپٽي ڪمشنر سجاول
ڙ عام چونڊن جي تيارين
: ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ
0 تبصرے