ڏھرڪي ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، نوجوان جو اي سي آفيس آڏو احتجاج
ڏھرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي جي اسٽنٽ ڪمشنر پاران سرڪاري اڳهه تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جي حڪمن کي ڀاڻ ڊيلرن ٿڏي ڇڏيو ڀاڻ ڊيلرن پاران آبادگارن کي سرڪاري ريٽ 3700 روپيا ڏيڻ کان ٽپ انڪار ڪندي بليڪ تي 4700 روپيا وڪرو ڪرڻ هن لڳا ڀاڻ ڊيلرن جي زيادتين خلاف متاثره آبادگارن جو اي سي آفيس آڏو احتجاج ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين نوٽس وٺي ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي ڏيارڻ جو مطالبو خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي حڪم ڏهرڪي جي اسٽنٽ ڪمشنر امتياز محسن پاران آبادگار پاران يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي شڪائتن تي شهر جي ظفر بازار ريتي روڊ ۽ ٻين هنڌن تي واقع يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن سنجي ڪمار۔پرديپ ڪمار ۔مڪيش ڪمار ۽ ٻين ڊيلرن جي دوڪانن تي ڇاپا هڻي ڀاڻ ڊيلرن کي سرڪاري اڳهه تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جا حڪم ڏنا پر ڀاڻ ڊيلر اسٽنٽ ڪمشنر جي حڪمن کي ٿڏي ڀاڻ ڊيلرن پاران آبادگارن کي سرڪاري ريٽ 3700 روپيا ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪندي بليڪ تي 4700 روپيا وڪرو ڪرڻ لڳا آهن جنهن بعد ڀاڻ ڊيلرن جي زيادتين خلاف متاثره آبادگارن پاران اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي متاثر آبادگار رفيق چاچڙ۔امير بخش ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏهرڪي جي ڀاڻ ڊيلرن پاران آبادگارن کي يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪري جي شڪائتن تي ڊي سي گهوٽڪي پاران اسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي کي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو جنهن تي اي سي ڏهرڪي ظفر بازار ريتي روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هڻي ڀاڻ ڊيلرن سنجي ڪمار ۽ ٻين مٿان ڏنڊ جي رقم وصول ڪري يوريا ڀاڻ سرڪاري اڳهه 3700 روپيا وڪرو جو پاپند ڪيو پر اي سي جي حڪمن باوجود ڀاڻ ڊيلرن سنجي ڪمار پرديپ ڪمار ۽ ٻين آبادگارن کي سرڪاري اڳهه تي ڀاڻ ڏيڻ بليڪ تي 4700 روپيا وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪا آبادگارن سان ناانصافي آهي انهن چيو ته ڀاڻ ڊيلرن جي اهڙي زيادتين خلاف جڏهن اسان اي سي ڏانهن شڪائت کڻي آيا آهيون پر اسٽنٽ ڪمشنر اسان جون شڪائتون ٻڌڻ بدران ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي انهن چيو ته اڳ ئي ڪاٽن فيڪٽري مالڪن ۽ سارين جي واپارين آبادگارن سان ڪلور ڪندي پنهنجي من پسند ريٽن تي جنس خريد ڪيون آهن انهن ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين مطالبو ڪيو ته ڀاڻ ڊيلرن جي ڀاڻ بليڪ تي وڪري جو نوٽس وٺي ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي ڏياريو وڃي
0 تبصرے