English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪوٽڏيجي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور جي عدالت ۾ پيش، جوابدارن تي اغوا ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام
319 views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڪوٽڏيجي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور جي عدالت ۾ پيش، جوابدارن تي اغوا ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام
خيرپور(ڊ ر) ڪوٽڏيجي مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور جي عدالت ۾ پيش، جوابدارن مٿان گهر ۾ گهري ڦرلٽ بعد اغوا ۽ جنسي زيادتي جا الزام، پوليس طرفان ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، ابتو جوابدارن طرفان جاني مالي نقصان جي ڌمڪين جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ عبدالرزاق والا مان 17 آڪٽوبر تي هٿياربندن هٿان مبينا گهر ۾ گھري ڦرلٽ بعد نائين درجي جي شاگردياڻي نوجوان ناري مسمات طيبه ڌيءَ محمد سليمان والا خيرپور جي فيملي جج مسز نور صبا جي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ھن ئ ڄاڻايو ته جوابدار ظفر علي، مير خان، اعجاز علي عرف پکي، مشتاق ۽ شهزادو بروهي جتوئي 17 آڪٽوبر تي اسان جي گهر ۾ هٿيارن جي زور تي داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر ۾ رکيل 8 تولا سونا زيور ۽ ڏيڍ لک رپيا روڪ ۽ هڪ رائفل ڦرڻ بعد مون کي زبردستي وارن مان گهلي هڪ ڪار ۾ اغوا ڪري نامعلوم هنڌ رکيائون ۽ نشو ڏيندا رهيا ۽ نشي جي حالت ۾ مختلف جاين تي رهائيندا هيا ۽ وحشي جوابدارن مختلف وقتن مون سان زناهه پڻ ڪندا رهيا، هن عدالت کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي. ھوڏانھن جوابدارن خلاف ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس طرفان جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ ڪيس تان ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف ناري طيبه پنهنجي وارثن محمد سليمان والا، رستم والا ۽ ٻين سان گڏجي خيرپور ۾ احتجاج ڪيو ھن ٻڌايو ته ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جڏهن ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدار توڙي علائقي جا بااثر بروهي جتوئي برادري جي ناروز خان، علي گل، حسن علي، نصرالله ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. انڪار ڪرڻ تي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
خيرپور
ڪوٽڏيجي مان مبينا
khairpur
girl lady
rape kidnapping
0 تبصرے