English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نياڻين کي اعليٰ تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون: اياز لطيف پليجو
269 views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
نياڻين کي اعليٰ تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ نياڻين کي اعلي تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون. عورتن کي غلام ۽ ملڪيت سمجھندڙ قومون ھميشه غلام رھن ٿيون. عورت ڪمزور نہ پر سماج ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي، سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، نياڻين کي اغوا ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، عورتن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. عورتن کي بنيادي انساني حق، تعليم ۽ برابري سان سنڌ ترقي ڪندي. ھن اھڙو اظھار قاسم آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ ھميرہ اختر جي سالگره جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ڳالھائيندي ڪيو.اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ قبيلائي دھشتگردي ۽ ڪارو ڪاري جا الزام ھڻي بيگناھ عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. قومي عوامي تحريڪ جي چاھي تہ سنڌ جي ھر نياڻي تعليمي يافتہ ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. نوجوان ميرٽ ذريعي اڳتي وڌن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪالاباغ ڊيم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ۾ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻي وارو بي مثال ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد ۽ ڪردار کان متاثر ٿي مذھبي ۽ وفاقي تنظيمن بہ عورتن کي اڳيان آندو آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ عورتون، ٻار ۽ اقليتي ماڻھو محفوظ ناھن ڪڏھن انھن کي اغوا ڪري زيادتي ۽ بدتر تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو تہ ڪڏھن بيگناھ قتل ڪيو وڃي ٿو. اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون تہ موجود آھي پر انھن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ سنڌ ۾ جرڳائي نظام ذريعي عورتن ۽ ڪمزور ماڻھن سان بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. معصوم نياڻيون ڪاريون ڪري قتل ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ عورتن، مردن، نوجوانن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي.ان موقعي تي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي، روما شوڪت سريوال، شائسته ۽ قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻن خادم سمون، معشوق چانڊيو، شوڪت سريوال، ڊاڪٽر الطاف نانگراج،عباس پٺاڻ، غلام نبي سومرو، دلدار ابڙو، بابو ميمڻ، قمرالدين لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
21st Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کا سینئر رکن سہیل سانگی کے صاحبزادے کی گمشدگی پر شدید تشویش کا اظہار
21st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڦل شهر زندگي زهر - مسئلن ۾ ڦاٿل ڦل شهر
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اُرڙي وگھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت، گھر ۾ ڪھرام متل
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آغا سجاد ميمڻ جي موبائيل شاپ تي مبينا حملو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
qaoumi awami tahreek
qomi ayaz latif palejo
sindh
0 تبصرے