حيدرآباد:ماسترياڻي کي حراسان ڪرڻ جو ڏوھ ثابت، تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

حيدرآباد:صوبائي محتسب اعليٰ پبلڪ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻي کي حراسان ڪرڻ تي اسڪول جي اڳوڻي پرنسيپل ۽ هاڻوڪي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
قاسم آباد سان تعلق رکندڙ ماسترياڻي شگفته شاهه 2017ع دوران اسڪول جي پرنسيپل تي حراسان ڪرڻ جو الزام هڻي ڪارروائي لاءِ محتسب اعليٰ کي درخواست ڏني هئي
محتسب اعليٰ شاهنواز طارق متاثر ماسترياڻي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي پرنسيپل ۽ هاڻوڪي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هٽائڻ سان گڏ 3 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي: ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل سجاد احمد چانڊيو
6 سال اڳ پبلڪ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻي کي ان وقت جي پرنسيپل موبائيل فون تي دوستي رکڻ لاءِ ميسيج ڪيا هئا
انڪار تي هن ماسترياڻي کي شوڪاز نوٽيس ڏئي سندس پگهار بند ڪئي 2017ع ۾ ماسترياڻي پرنسيپل خلاف درخواست ڏني هئي
صوبائي محتسب اعليٰ وٽ درخواست تي ٽرائل وانگي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پاران دليل ڏنا ويا، ڪجهه گواهن به پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا هئا
ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد محتسب اعليٰ فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پبلڪ اسڪول جي اڳوڻي پرنسيپل ۽ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي هاڻوڪي چيئرمين نسيم ميمڻ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي