English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون محمد علي خواجه جي صدارت ھيٺ پوليو معلوماتي سيشن
193 views
|
22nd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون محمد علي خواجه جي صدارت ھيٺ پوليو معلوماتي سيشن
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ چونڊيل عوامي نمائندن سميت سمورن ادارن، سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن جو تعاون انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پوليو مهم قومي فرض آهي جنهن لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن 5 سالن تائين عمر جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو سئو سيڪڙو هدف حاصل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال مڪلي ۾ پوليو مهم بابت معلوماتي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه سمورن يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ ماڻهن خاص ڪري والدين کي پوليو جي نقصانن، اهميت ۽ فائدن بابت آگاهي ۽ شعور ڏئي کين سندن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ راضي ڪن ته جيئن ٽيمون بروقت پوليو جا ڦڙا پياري سگهن. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين پنهنجي هر قسم جي سهڪار جو يقين پڻ ڏياريو. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار، ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر نذير خواجہ ۽ ڊسٽرڪٽ سپورٽ آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر عاطف ڪاظمي يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي پوليو جي نقصانن، اهميت ۽ فائدن بابت تفصيلي آگاهي ۽ معلومات ڏني. اجلاس ۾ ايميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ، ضلعي مئنيجر يونيسيف اعجاز علي جاکرو ۽ ضلعي جي سمورن يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون محمد علي خواجه
0 تبصرے