English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون محمد علي خواجه جي صدارت ھيٺ پوليو معلوماتي سيشن
30 views
|
22nd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون محمد علي خواجه جي صدارت ھيٺ پوليو معلوماتي سيشن
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ چونڊيل عوامي نمائندن سميت سمورن ادارن، سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن جو تعاون انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پوليو مهم قومي فرض آهي جنهن لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن 5 سالن تائين عمر جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو سئو سيڪڙو هدف حاصل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال مڪلي ۾ پوليو مهم بابت معلوماتي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه سمورن يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ ماڻهن خاص ڪري والدين کي پوليو جي نقصانن، اهميت ۽ فائدن بابت آگاهي ۽ شعور ڏئي کين سندن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ راضي ڪن ته جيئن ٽيمون بروقت پوليو جا ڦڙا پياري سگهن. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين پنهنجي هر قسم جي سهڪار جو يقين پڻ ڏياريو. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار، ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر نذير خواجہ ۽ ڊسٽرڪٽ سپورٽ آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر عاطف ڪاظمي يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي پوليو جي نقصانن، اهميت ۽ فائدن بابت تفصيلي آگاهي ۽ معلومات ڏني. اجلاس ۾ ايميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ، ضلعي مئنيجر يونيسيف اعجاز علي جاکرو ۽ ضلعي جي سمورن يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون محمد علي خواجه
0 تبصرے