English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ اھم گڏجاڻي
317 views
|
16th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ اھم گڏجاڻي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ بابت ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو اھم گڏجاڻي - ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي رسڪ گورننس فريم ورڪ جو ھڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يو اين ڊي پي جي ليڊ ڪنسلٽنٽ شُڪري رحمان، ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنٽس سهير خان، عمر ملڪ ۽ محمد سعد، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، سوشل ويلفيئر، آبپاشي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، صوبائي ۽ ضلعي بلڊنگز، هاءِ وي، حيسڪو، ڪوسٽل هاءِ وي، لائيو اسٽاڪ، زراعت، فشريز، لوڪل گورنمينٽ، پي پي ايڇ آءِ، مرف ۽ ٻين اين جي اوز جي نمائندن سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل کاتن جا ڪانٽينجنسي پلان جلد کان جلد جمع ڪرائين ۽ ڪنهن به امڪاني قدرتي آفت جي پيش نظر هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا سمورا انتظام مڪمل رکن. هن چيو ته قدرتي آفت اچي يا نه پر اسان کي پنهنجي سموري تياري مڪمل ڪرڻ گهرجي، سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن ۽ مانيٽرنگ نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائين. ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي ليڊ ڪنسلٽنٽ شڪري رحمان اجلاس کي ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين ۽ وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن جو سبب بڻجي رهيا آهن، جن ۾ ٻوڏ، زلزلہ، طوفان، برفاني طوفان ۽ خشڪي شامل آهن. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تحت اهڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن جن وٽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي انتظامي صلاحيت آهي، پي ڊي ايم اي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سرگرم ۽ منصوبابندي ڪندڙ ادارو آهي، جيڪو آفتن جي تياري، آفتن جي خطري کي گهٽائڻ ۽ تياري جي منصوبابندي ڪري ٿو ۽ پنھنجي منصوبا بندي تحت انهي ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سڀني امدادي ڪارروائين ۾ عورتن، بزرگن، ٻارن ۽ معذور ماڻهن سميت انفراسٽرڪچر کي نقصان نه پهچائڻ جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته يو اين ڊي پي پاران فراهم ڪيل پروفارما جنهن ۾ گاڏين، اوزارن ۽ مشينري جي فهرست سميت پنھنجا ڪانٽينجنسي پلان ضلعي انتظاميه کي موڪليا وڃن ته جيئن بهتر حڪمت عملي سان قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت
قدرتي آفتن کي
0 تبصرے