نوشھروفيروز ۾ ٻارن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو، ڊي سي آفيس کان ريلي
نوشهروفيروز (ڊ ر ) سڄي دنيا وانگر نوشهروفيروز ۾ به ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز کان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (2) اعجاز علي هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ضلعي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ارباب علي اجن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سڪندر علي ڪلهوڙو، ضلعي ايجوڪيشن آفيسر حزب الله ڪوريجو، ضلعي ڪوآرڊينيٽر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن انڊس ريسورس سينٽر حامد علي شيخ، سماجي ڀلائي کاتي جا آفيسر ۽ سماجي تنظيمن انڊس ريسورس سينٽر ۽ شفا فائونڊيشن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، واک جي آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اعجاز علي هاليپوٽو چيو ته هر سال 20 نومبر تي ٻارن جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي بنيادي حقن کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن ۾ بهتر تعليم، صحت ۽ تربيت جو حق شامل آهي، ان سان گڏوگڏ ٻارن تي جسماني تشدد جي روڪٿام ۽ ٻارن جي جسماني محنت کي روڪڻو آهي.هن چيو ته والدين کي گهرجي ته پنھنجن ٻارن تي ڀرپور توجه ڏين. هن چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ والدين کي ٻارن جي حقن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ ٻارن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪرڻ آهي ته جيئن هو مستقبل ۾ تعليم حاصل ڪري پنهنجي خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي به ٻارن جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ته ان جي فوري طور تي چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ جي هيلپ لائن نمبر 1121 تي شڪايت ڪئي وڃي.
0 تبصرے