حيدرآباد: مبينا جنسي هراسان ڪندڙ ڊي اي او خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تي ماسترياڻي ٻيهر عدالت پهچي وئي

حيدرآباد: مبينا جنسي هراسان ڪندڙ ڊي اي او خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تي ماسترياڻي ٻيهر عدالت پهچي وئي

حيدرآباد: مبينا جنسي هراسان ڪندڙ ڊي اي او خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تي ماسترياڻي ٻيهر عدالت پهچي وئي

حيدرآباد: ڊي اي او پرائمري پاران ماسترياڻي کي جنسي طور حراسان ڪرڻ وارو معاملو
مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عدالتي حڪم باوجود ڊي اي او خلاف ڪيس داخل نه ڪيو
متاثر ماسترياڻي رخسانه پوليس ۽ ڊي اي او خلاف ٻيهر توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
گورنمينٽ گرلز تنوير سٽي جي ماسترياڻي رخسانه نياز حسين وڪيل فرهاد علي ابڙو معرفت فرسٽ ايڊيشنل جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
16 نومبر 2023ع تي لاڳاپيل عدالت مارڪيٽ پوليس کي ڊي اي او پرائمري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ايس ايڇ او ڊي اي او جي ونگار وهندي ڪيس داخل ناهي ڪيو: موقف
ڊي اي او پرائمري درخواست گذار کي جنسي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس کي 509 پي پي سي قلم تحت ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي: وڪيل آگاهي
پوليس بااثر عملدار جي ونگار وهندي ڪيس قلم 294 تحت داخل پئي ڪيو: وڪيل
ايس ايڇ او مارڪيٽ کي گهرائي کيس ٻيهر ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي: استدعا
ماسترياڻي رخسانه ڊي اي او پرائمري خالد حسين ٻٻر خلاف 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي
نياڻي جي شادي لاءِ جي پي فنڊ مان ايڊوانس طور رقم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني
روز آفيس جا چڪر ڪاٽيا پر ڊي اي او فائل تي صحيح نه ڪئي: موقف
ڊي اي او آفيس کان ٻاهر ملي گڏجي ماني کائڻ ۽ جنسي لاڳاپن لاءِ اڪسايو: الزام
متاثر ماسترياڻي جي درخواست تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اشفاق مغل 16 نومبر تي مارڪيٽ پوليس کي حڪم ڏنو ته رخسانه جو سي آر پي سي 154 تحت بيان رڪارڊ ڪري ڊي اي او خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي