ايس ايس پي شڪارپور پاران سب ڊويزن سلطان ڪوٽ ۽ نبي شاه وڳڻ جي پوليس اسٽيشنز جا دورا

ايس ايس پي شڪارپور پاران سب ڊويزن سلطان ڪوٽ ۽ نبي شاه وڳڻ جي پوليس اسٽيشنز جا دورا

ايس ايس پي شڪارپور پاران سب ڊويزن سلطان ڪوٽ ۽ نبي شاه وڳڻ جي پوليس اسٽيشنز جا دورا

شڪارپور (احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان سب ڊويزن سلطان ڪوٽ ۽ نبي شاه وڳڻ جي پوليس اسٽيشنز لوڊرا، سلطان ڪوٽ، جاڳڻ ايٽ همايون، ميان جو ڳوٺ، جهان واھ، غلام شاه جي پوليس پوسٽن ۽ پڪٽن جو دورو ڪيو، وزٽ جي دوران متعلقہ ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز، ڊي آء بي انچارج، شيٽ ڪلرڪ، ايم ٽي او پڻ ايس ايس پي شڪارپور سان گڏ هئا. وزٽ دوران علائقي ۾ موجود پوليس نفري جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊيوٽي جي بهترين ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن کي گهربل وسيلن، هٿيارن ۽ ٻين ضروري سهولتن جو جائزو ورتو ويو ۽ متعلقه آفيسرن کي فوري طور تي اُهي سڀئي ضرورتون پوريون ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. ان کان علاوه لاڪ اپ جي معائني سميت ٿاڻي جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ۽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان علائقي سميت امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ورتي. ڊيوٽي تي پوليس اهلڪارن جي تعينات سان گڏ انهن جوانن جي ٽرن آئوٽ ۽ هٿيارن کي به چيڪ ڪيو ويو ۽ ضروري هدايتون ۽ حڪم جاري ڪيا. ايس ايس پي شڪارپور پوليس افسران ۽ اهلڪارن سان مخاطب ٿيندي انهن جي حوصلا افزائي به پڻ ڪئي. ان کان علاوه علائقي ۾ ڏوهارين جي آمد و رفت جي رستن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهڙين آمد و رفت کي روڪڻ لاءِ پوليس جو پلان به جوڙيو ويو. سب ڊويزن سلطان ڪوٽ ۽ نبي شاھ وڳڻ جي علائقن ۾ ڏوهن جي روڪٿام ۽ قانون جي بالادستي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ علائقي ۾ امن امان قائم رکڻ شڪارپور پوليس جي اولين ترجيح آهي.