ٺٽو: صوفي بزرگ فقير علي احمد مسڻ جو ساليانو عرس اڄ کان شروع ٿيندو

ٺٽو: صوفي بزرگ فقير علي احمد مسڻ جو ساليانو عرس اڄ کان شروع ٿيندو

ٺٽو: صوفي بزرگ فقير علي احمد مسڻ جو ساليانو عرس اڄ کان شروع ٿيندو

ٺٽو(شفيق ڀٽي) صوفي سالڪ مرد قلندر، حضرت بابا صوفي فقير علي احمد مسڻ رحہ جن جو ساليانو اٺون ھڪ روز عرس مبارڪ سومر ۽ اڱارو 29 ۽ 28 ربيع الثاني 1445 ھجري مطابق 13 ۽ 14 نومبر 2023 سندن آخري آرامگاھ درگاھہ مسڻ شريف ٺٽو ۾ نھايت عقيدت و احترام سان ملھايو پيو وڃي، جنھن ۾ حسب دستور موجب سومر جي ڏينھن تي سنڌ جي ثقافتي راند ڀلن ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا منعقد ٿيندا، شام جو 5 بجي درگاھ شريف جو سجادہ نشين صوفي فقير جکرو مسڻ جن راڳ ويراڳ جي صدائن سان مزار شريف تي چادرون چڙھائي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندا، رات جو لنگر عام بعد صوفيانه ڪلام جي پر وقار محفل ٿيندي جنھن ۾ آيل ويراڳي، قبلا صوفي فقير علي احمد مسڻ ۽ سنڌ جي مختلف شاعرن جا عارفانہ ڪلام پيش ڪندا، محفل صبح صادق تائين جاري رھندي، اڱاري ڏينھن 11 بجي اجتماعي دعا ٿيندي. اھڙي پڌرائي درگاھ شريف جي سجادہ نشين پاران ڪئي ويئي اھي.