شڪارپور ۾ جماعت اھلسنت ضلعي ۽ چئني تعلقن جي عھديدارن جي حلف برداري تقريب

شڪارپور ۾ جماعت اھلسنت ضلعي ۽ چئني تعلقن جي عھديدارن جي حلف برداري تقريب

شڪارپور ۾ جماعت اھلسنت ضلعي ۽ چئني تعلقن جي عھديدارن جي حلف برداري تقريب

شڪارپور (احسان ابڙو) مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور ۽ چئني تعلقن جي عھديدارن جي حلف برداري تقريب پريس ڪلب شڪارپور ۾ منعقد ٿي گذري جنھن جي صدارت پير ميان عبد الباقي الھمايوني مرڪزي اڳواڻ مرڪزي جماعت اھلسنت پاڪستان سجاده نشين درگاھ عاليه ھمايون شريف خصوصي شرڪت پير مفتي سائين شفيق احمد قادري مرڪزي اڳواڻ مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان مرڪزي سينيئر نائب صدر اتحاد اھلسنت پاڪستان حضرت علامه مولانا سردار احمد غفاري صدر مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور ۽ ٻين رھنمائن شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيا. مقررين خطاب ڪندي چيو ته مرڪزي جماعت اھلسنت ملڪ پاڪستان جي اڪثريتي آبادي جي نمائنده جماعت آھي جنھن جو مقصد دين اسلام جي ترويج و اشاعت آهي، تقريب کي رهنمائن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته مسلم دنيا جا حڪمران جھاد جو رستو ڇڏي چڪا آهن ان جي لاءِ اھي فسلطين جي مجبور و مظلوم مسلمانن جي مدد نه ٿا ڪن انهن تي جيڪو ظلم ٿي رھيو آھي اسرائيلي بربريت تي خاموش رھڻ وارا به گناه ۾ برابر جا شريڪ آهن اسان مطالبو ڪيو ٿا ته پاڪستان ۽ ٻيا مسلمان ملڪ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي ڀرپور مدد ڪن قائدين وڌيڪ چيو ته ملڪ پاڪستان الله پاڪ جي نعمت آهي مگر اسان کي ان جو قدر نه آهي اسان عزت و احترام جي زندگي تڏھن گذاري سگهون ٿا جڏھن ھن ملڪ پاڪستان ۾ نظام مصطفي جو نفاذ قائم ٿيندو، ضلع شڪارپور ۾ امن و امان جي صورتحال قابل تشويش آهي جنھن طرف انتظاميه جي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي شڪارپور جا قبرستان منشيات فروشن جا اڏا بڻجي چڪا آهن قبرستان ۽ اولياء الله جي مزارن کي منشيات ۽ قبضي گيرن کان آزاد ڪرايو وڃي