ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس، ترقياتي اسڪيمن جون قراردادون منظور

ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس، ترقياتي اسڪيمن جون قراردادون منظور

ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس، ترقياتي اسڪيمن جون قراردادون منظور

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس اسرائيل خلاف مذهمتي قرارداد منظور ترقياتي اسڪيمن جون قراردادون منظور، تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس الحاج غوث بخش خان مهر هال ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي صدارت ضلعي چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو ڪئي. اجلاس ۾ اسرائيل خلاف مذهمتي قرارداد ۽ مختلف ترقياتي اسڪيمن بابت قراردادون يڪراءِ سان منظور ڪيون ويون. اجلاس ۾ اسرائيل خلاف مزهمتي قرداد تقي عباس ڪماريو طرفان پيش ڪئي وئي. قرارداد تي ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن عبدالسلام انڙ، نصرالله خان دلُ، شهاب خان ڀيو، حمادالله ڄامڙو ۽ٻين ميمبرن چيو ته اسرائيل فلسطين تي ظلم ڪري رهيو آهي جيڪا کُليل دهشتگردي آهي اسرائيل جي طرفان فلسطينين جي اسپتالن، اسڪولن، گهرن تي بمباري ڪري معصوم ماڻهن جو قتل عام ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي اسين هن قرارداد ذريعي اسرائيل جي دهشتگردي جي ڀرپور لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر تقي عباس ڪماريو هڪ ٻي رٿ پيش ڪندي چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن کي هڪ هڪ ڪروڙ ۽ ريزرو ميمبرن کي 20-20 لک جون ترقياتي اسڪيمون ڏنيو وڃن. اجلاس سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن چيو ته ٻهراڙين ۾ صفائي سٿرائي، نالين جي کوٽائي ۽ سولر سسٽم نه هجڻ سبب مختلف مسئلا پيش اچن ٿا. هنن چيو ته ٻهراڙين ۾ صفائي سٿرائي هر روز جي بنياد تي ڪرائي وڃي ته جيئن مختلف بيمارين کان بچي سگهجي ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي وڃي ته ٻهراڙين ۾ مڇر مار اسپري ڪرايا وڃن ته جيئن مليريا کان بچاءُ ٿي سگهي. اجلاس ۾ نصرالله خان دل رٿ پيش ڪندي چيو ته شڪارپور شهر جي مختلف حدودن ۾ خوبصورتي خاطر گرين بيلٽ لڳرايا وڃن. اجلاس ۾ سموريون رٿون يڪراءِ سان بحال ڪيون ويون. اجلاس سان ڳالهائيندي ضلعي چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريون چيو ته ضلعي شڪارپور لاءِ مونکي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان چونڊيو ويو آهي ۽ مونکي شڪارپور شهر جي خدمت جو موقعو مليو آهي مان ڪوشش ڪندس ته شڪارپور ضلعي کي خوبصورت بڻائيان. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ جيڪي به ضلعي ڪائونسل جي پراپرٽي آهي ان کي خوبصورت بڻائينداسين ۽ گرين بلٽ لڳرائينداسين. اجلاس ۾ جيم خانه ڪلب ۽ پريس ڪلب شڪارپور جي فنڊن متعلق به رٿ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر عبدالسلام انڙ جي رٿ تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ تي مزمت ڪئي وئي ۽ شهيد جان محمد مهر جي روح کي ثواب خاطر دعا پڻ گهري وئي.