مٺي جي ڳوٺ هوٿيئر ۾ ڏياري جي موقعي تي تعليمي جاڳرتا سيمينار منعقد

مٺي جي ڳوٺ هوٿيئر ۾ ڏياري جي موقعي تي تعليمي جاڳرتا سيمينار منعقد

مٺي جي ڳوٺ هوٿيئر ۾ ڏياري جي موقعي تي تعليمي جاڳرتا سيمينار منعقد

مٺي ( رپورٽر) مٺي جي ڳوٺ هوٿيئر ۾ ديوالي جي موقعي تي تعليمي جاڳرتا سيمينار، شاگردن پاران تقريرون، خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش، خبر موجب مٺي جي ڳوٺ ھوٿيئر ۾ هوٿيئر يوٿ فورم طرفان ديوالي جي موقعي تي تعليمي جاڳرتا سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون، خاڪا، گيت ۽ سائنسي ترقي بابت ٽيبلوز پيش ڪيا، ان موقعي تي ھوٿيئر يوٿ فورم جي اڳواڻ نندلال راٺوڙ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيندي چيو ته اسان کي فخر آهي ته ديوالي جي موقعي تي تعليم بابت ڪامياب پروگرام ڪرايو آهي، هن قسم جي سرگرمين سان ٻارڙن ۾ تعليم طرف ڌيان وڌندو، هن چيو ته ٻهراڙين ۾ نياڻين جي تعليم جو ريشو نه هجڻ برابر آهي اسان جي ڪوشش آهي ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاء سيمينار ڪرائي سجاڳي پيدا ڪنداسين، ڊاڪٽر دليپ سنگھ خطاب ڪندي چيو ته هوٿيئر يوٿ فورم کي جس هجي جنهن ديوالي فيسٽيول تي تعليم بابت پروگرام ڪرايو آهي، جيڪو سٺو سئوڻ آهي، يوٿ فورم جي ڪمليش راٺوڙ، سنيل ڪمار سوجاڻيٖ، چندن سنگھ، ٻلونتسنگھ، راڻو راٺوڙ، شنڪر لال ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان نوجوانن جي اها ڪوشش رهي آهي ته ھوٿيئر ۾ تعليم جي بهتري لاءِ عملي طور تي قدم کڻجي، مستقبل جي معمارن کي صحت مند تعليمي ماحول فراهم ڪجي ۽ ايندڙ وقت به اهڙا پروگرام منعقد ڪري ٻارن جي حوصلا افزائي وارو سلسلو جاري رکيو ويندو، سيمينار ۾ آتم ڪمار ميگھواڙ ڊاڪٽر وڪرم سنگھ، انجنيئر شنڪر سنگھ، انجنيئر دولت سنگھ ۽ ٻين خطاب ڪندي هوٿيئر يوٿ فورم جي ڪامياب پروگرام تي مبارڪون ڏنيون ۽ اهڙي سرگرمي کي ساراهيو، جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ شاگردن کي انعام پڻ ڏنا ويا.