نگران وڏي وزير جسٽس باقر سان مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي ڊاڪٽرن جي ملاقات

نگران وڏي وزير جسٽس باقر سان مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي ڊاڪٽرن جي ملاقات

نگران وڏي وزير جسٽس باقر سان مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي ڊاڪٽرن جي ملاقات

ڪراچي؛ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان مختلف طبي ادارن جي ڊاڪٽرن جي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي ميمبرن ۾ ايم اي، سي پي ايس پي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن، پيپلز ڊاڪٽرز فورم، سوسائٽي آف سرجنز، سي پي ايس پي، ڊائو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي، جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول, پيپلز ڊاڪٽرز فورم ڪراچي جي صدر ڊاڪٽر عاشق حسين شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ سنڌ جي سرڪاري صحت جي ادارن ۾ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ بابت پاليسي معاملن ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي مشاورتي عمل جي واکاڻ ڪئي ۽ سنڌ جي عوام جي بهتر خدمت ڪرڻ لاءِ پاليسي اپاءَ وٺڻ جي تجويز ڏني. نگران وڏي وزير ڊاڪٽرز ايسوسيئشن جي نمائندن کي يقين ڏياريو ته سروس اسٽرڪچر ۽ بجيٽ جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.