ڦلھڏيون جي غريب آباد ڪالوي واسي پورھيت انصاف لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب پھچي ويا

ڦلھڏيون جي غريب آباد ڪالوي واسي پورھيت انصاف لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب پھچي ويا

ڦلھڏيون جي غريب آباد ڪالوي واسي پورھيت انصاف لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب پھچي ويا

ميرپورخاص(بيورورپوٽ) تعلقي سنڌڙي جي ڦلھڏيون شھر جي غريب آباد ڪالوني جي رھواسين محبوب مري ء شاھجان مري ايوان صحافت پھچي ڊي ايس پي سنڌڙي ء ايس ايڇ او ڦلھڏيون پاران انصاف نہ ڪرڻ تي احتجاجن پريس ڪانفرنس ڪندي اجتماعي خودڪشي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. محبوب مري ٻڌايو مھنجي ڀيڻ ء ڀاڻجي سان گڏ آۂون ميرپورخاص ڪورٽ مان تاريخ ڏۂي موٽر ساۂڪل تي واپس وڃي رھياسين تہ تگو سر ء ڦلھڏي روڊ تي لغاري ڳوٺ وٽ ڦوٽو ھار جيپ نمبر BC 6102 م سوار ھر ھڪ منٺار اللہ بچايو عيسو ء گل خان مري وارن اسلحي جي زور تي جيپ جو موٽر ساۂڪل کي ٽڪر ھڻي مونکي مھنجي ڀيڻ ء ڀاڻجي کي روڊ تي ڪيراۂي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري پھنجي ڳوٺ کڻي ويا جتي پوليس جي پھچي مونکي بازياب ڪرايو جڏھن تہ مھنجي ڀيڻ ء ڀاڻجي کي پوليس بازياب نہ ڪرايو. ھنن ٻڌايو تہ عيٰسی مري مھنجو ڀيڻويو آھي اٺن سالن کان مھنجي ڀيڻ کي ڇڏي ويٺو آھي اسان ميرپورخاص جي ڪورٽ م طلاق جو ڪيس داخل ڪيو جيڪو ھلندڙ آھي ان باوجود اسان کي اغوا ڪيو ويو. ھنن ٻڌايو تہ 491 جي درخواست پڻ عدالت م ڏني آھي جنھن جي سڀاڻ 10 نومبر تي تاريخ آھي. ھنن آہي جي سنڌ ڊي آہي جي ء ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو تہ اسان جي ڀيڻ ء ڀاڻجي کي بازياب ڪراۂي عدالت م پيش ڪيو وڃي ء جوابدارن پاران اسان کي جان سان مارڻ جو ڌمڪيون ڏيڻ اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.