فاطما ڦرڙو ڪيس، پنجاب مان ڪرايل ٽيسٽ ۾ پير جا ڊي اين اي سيمپل ميچ ٿي ويا: عمر سومرو

پير صاحب صحت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان تباھھ ڪرايا

فاطما ڦرڙو ڪيس، پنجاب مان ڪرايل ٽيسٽ ۾ پير جا ڊي اين اي سيمپل ميچ ٿي ويا: عمر سومرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران قانون ۽ انساني حقن واري وزير عمر سومرو چيو آھي تھ فاطمھ ڦرڙو ڪيس جا ڊي اين اي پير صاحب صحت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان تباھھ ڪرايا، پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي وئي تھ ڊي اين اي ميچ ٿي ويو آھي، ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ نيشنل جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وزير عمر سومرو جو چوڻ ھو تھ نگران ڪابينا ۾ فائر فائٽر جا اڳواڻ موجود آھن پر اختيار تمام گھٽ آھن، ھن چيو تھ ايپڪس ڪميٽي ۾ شامل رھيس، ملاقاتن ۾ بريفنگ بھ ڏني وئي، قبائلي سردار ۽ چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا سرپرست آھن، عمر سومرو وڌيڪ چيو تھ پير حويلي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ خيرپور ويو ھيس، ڊي اين اي جا نمونا هڪجهڙا نھ ھئا، پير صاحب صحت کاتي جي عملدارن سان لاڳاپا استعمال ڪري سيمپل تباھھ ڪرايا، جڏهن تھ پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي وئي ته ڊي اين اي ميچ ٿي ويو، آھي، سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ شڪارپور جي اسپتال جو دورو ڪيو، حالت خراب هئي، دعا آهي ته وڏيرن جا ٻار به سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين، شڪارپور ۾ ايسٽرو ٽرف گرائونڊ اڳوڻي صوبائي وزير جي والد جي نالي تي ٺاهيو ويو آھي، عمر سومرو جو چوڻ ھو تھ ڊي سي کي عوامي هنڌن تي نالا رکڻ جي حوالي سان جسٽس صلاح الدين پنھور جو حڪم ڏيکاريو پر ٽي هفتا گذري ويا آهن اڃا تائين گرائونڊ جو نالو تبديل نه ڪيو ويو آهي، ھن چيو تھ ڪچي جي علائقن ۾ ڏوھن جو ذميوار ڪير آھي، ان موقعي تي تقريب کي سينيئر وڪيل اڳواڻ نديم شيخ، شھاب سرڪي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.