سنڌ جي مختلف شھرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا مظاھرا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا مظاھرا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا مظاھرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، شڪارپور، مورو، نيو سعيد آباد، جاتي،شهدادپور، ميهڙ، سڪرنڊ، ٽنڊو باگو،دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو، جاتي ۾ آئي بي اي سکر 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آرڊر نه ملڻ خلاف غلام مصطفيٰ لوهار،علي مراد شاه،مقبول سميجو،سليم سميجو،عبدالمجيد ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب جاتي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، اميدوارن جو چوڻ ھو تھ جاتي تعلقو پسمانده علائقو آهي جتي هزارين پڙهيل لکيل نوجوان بيروزار آهن ۽ سوين سڪول استال نه هجڻ سبب بند پيل آهي اسان کي آرڊر ڏئي بند پيل اسڪول کوليا وڃن، سوين اسڪول بند هجڻ سبب ڪيترن سان کان هزاري ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن جن جي جو مستقبل سنوارڻ لاءِ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙن کي آرڊر ڏئي اسڪول کوليا وڃن، آء بي اي 2021 جي 33 کان 39 وارن اميدوارن جو سنڌ حڪومت جي ٻٽي پاليسي ۽ پنھنجا نوازي خلاف شھدادپور ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي ٻٽي پاليسي نامنظور، پنھنجا نوازي نامنظور، پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي جي رڪيل پراسيس کي بحال ڪيو، سڄي سنڌ 33 تي پاس ڪرڻ جا نعرا ھنيا ويا. ان موقعي نعيم ملاڻو، سھيل احمد، شفيق ميمن، محبوب علي آفتاب ۽ ٻين اميدوارن چيو تہ سنڌ جي گذريل حڪومت استادن جي ڀرتين ۾ ھارڊ ايريا جو جواز بڻائي پنهنجا نوازي ڪندي 33 کان بہ گھٽ مارڪون کڻندڙن اميدوارن کي استاد طور ڀرتي ڪيو آھي جڏھن تہ اسان 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ مسلسل ٻن سالن کان احتجاج ڪري رھيا آھيون جنھن جو ڪنھن بہ اڃا تائين اسان جي دانھ جو داد ناھي ڪيو. ھنن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته Pst ۽ Jest جي ڀرتين تان پابندي ھٽائي برابري جي بنياد تي پوري سنڌ جي اميدوارن کي 33 مارڪن تي پاس ڪري سنڌ جا بند پيل ھزارين اسڪول کولي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن. ھنن چيو ته اسان جي ڪيس جي حاضري ڪراچي ھاء ڪورٽ ۾ ھاڻ 15 نومبر 2023 تي رکيل آھي ان لاء اسين جج صاحبان کي پرزور اپيل ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ۽ قانون مطابق انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي به ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي تحت 33 تي پاس ڪيو وڃي.ھوڏانھن ميهڙ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کنيل اميدوارن سنڌ ۾ استادن جي ڀرتين ۾ ٻٽي پاليسي ۽ پنھنجا نوازي خلاف اميدوارن پاران گھنٽا گھر چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين ھٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي استادن جي ڀرتي واري ڪم کي اچانڪ روڪڻ ۽ ويٽنگ اميدوارن کي ڀرتي نہ ڪرڻ 33 کان 39 اميدوارن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آصف کوسو ، سيد افضل شاھ ،عامر تيوڻو، عمران چانڊيو، اشفاق چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو ,خالد کوسو ۽ بلاول زنگيجو جي اڳواڻي ۾ مظاھرين سخت نعريبازي ڪندا رھيا اڳواڻن چيو ته سابق پ پ پ حڪومت استادن جي ڀرتين ۾ ٻٽو نظام متعارف ڪرائي نوجوانن کي نظرانداز ڪيو آھي ۽ ھارڊ ايريا جو بھانو بڻائي پنهنجا نوازي ڪندي 33 کان بہ گھٽ مارڪون کڻندڙن اميدوارن کي استاد ڀرتي ڪيو آھي جڏھن تہ اسان 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ مسلسل ٻن سالن کان سراپا احتجاج آھيون پر ڪنھن بہ اڃا تائين اسان جي دانھن جو داد ناھي ڪيو اڳواڻن نگران حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو تہ جلد کان جلد ھٿرادو بند پيل پروسيس کي شروع ڪري آئين ۽ قانون مطابق برابري جي بنياد تي پوري سنڌ جي اميدوارن کي 33 مارڪن تي پاس ڪري سنڌ جا بند پيل ھزارين اسڪول کولي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ اسان لڳاتار ٻن سالن کان ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍي وڏي شھرن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪا آھيون پر اسان کي انصاف نه ٿو ملي ھنن گھر ڪئي ته 33 کان 39 اميدوارن کي پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻئي صورت ۾ مرڻ گھڙي تائين احتجاج جاري رھندو، ھوڏانھن سڪرنڊ ۾ 20021 آئي بي پاس جي Jest ۽ pst جي اميدوار 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن پاران سڪرنڊ لطيف پارڪ کان ريلي ڪڊي نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي سليم گبول نور محمد جمالي ڃام الاهي بخش انڙ نصرالله چاچڙ ارشاد زرداري سارنگ جمالي ۽ احتجاج ڪندي چيوته 20021 ۾ آئي بي جي ٽيسٽ پاس ڪري 33 مارڪون کنيوسين پر سنڌ حڪومت ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪندي من پسندن علائقن جي اميدوارن کي پاس ڪرايو ويو باقي اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي اسان مسلسل ٻن سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اڃا تائين اسان کي آفر آڊر نه ڏنا ويا آهن هنن مطالبو ڪندي چيو ته 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڪري آفر آڊر ڏئي بي چيني دور ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ٻي طرف مورو ۾ آء بي اي 2021 جي 33 کان 39 وارن اميدوارن جو سنڌ حڪومت جي ٻٽي پاليسي ۽ پنھنجا نوازي خلاف مورو ۾ احتجاج ڪيو ويو. اميدوارن جو چوڻ ھو تھ سنڌ جي گذريل حڪومت استادن جي ڀرتين ۾ ھارڊ ايريا جو جواز ڄاڻائي پنهنجا نوازي ڪندي 33 کان بہ گھٽ مارڪون کڻندڙن اميدوارن کي استاد طور ڀرتي ڪيا ھئا، جڏھن تہ اسان 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ مسلسل ٻن سالن کان احتجاج ڪري رھيا آھيون پر حق نہ پيو ڏنو وڃي. اسان جي ڪيس جي حاضري ڪراچي ھاءِ ڪورٽ ۾ ھاڻ 15 نومبر 2023 تي رکيل آ جج صاحبان کي پرزور اپيل ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ۽ قانون مطابق انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي به ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي تحت 33 تي پاس ڪيو وڃي. پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڀرتين تان پابندي ھٽائي برابري جي بنياد تي پوري سنڌ جي اميدوارن کي 33 مارڪن تي پاس ڪري سنڌ جا بند پيل ھزارين اسڪول کولي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.شڪارپور ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کنيل اميدوارن سنڌ ۾ استادن جي ڀرتين ۾ ٻٽي پاليسي ۽ پنھنجا نوازي خلاف ميراڻي پارڪ کان جماڻي هال تي ريلي، ڌرڻو ھنيو جنھن بعد ميراڻي پارڪ کان شڪارپور پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ريلي مولابخش بلوچ، سجاد علي ڦلپوٽو، منصب سومرو، نعیم اللّٰہ سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، اميدوارن چيو تھ پ پ پ حڪومت استادن جي ڀرتين ۾ ٻٽو نظام متعارف ڪرائي نوجوانن کي نظرانداز ڪيو ويو ھو، موجوده حڪومت انصاف ڪري ھارڊ ايريا جو بھانو بڻائي پنهنجا نوازي ڪندي 33 کان بہ گھٽ مارڪون کڻندڙن اميدوارن کي استاد ڀرتي ڪيو آھي جڏھن تہ اسان 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ مسلسل ٻن سالن کان سراپا احتجاج آھيون پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ھٿرادو بند پيل پروسيس کي فلفور شروع ڪري آئين ۽ قانون مطابق برابري جي بنياد تي پوري سنڌ جي اميدوارن کي 33 مارڪن تي پاس ڪري سنڌ جا بند پيل ھزارين اسڪول کولي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.