English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سني ۾ پاڪ فوج جي جوانن تي حملو ۽ ميانوالي ۾ ايئر بيس تي حملو بزدلاڻيون ڪاررايون ھُيون: شرجيل انعام ميمڻ
views
|
06th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي آھي
ڪراچي: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ دشمن پاڪستان کي نقصان رسائڻ چاھين ٿا، پسني ۾ پاڪ فوج جي جوانن تي حملو ۽ ميانوالي ۾ ايئر بيس تي حملو بزدلاڻيون ڪاررايون ھُيون، دھشتگردي جي واقعن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف زھريلي پروپيگنڊا ڪئي وئي، اسان فورسز جي سمورن جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
ھن چيو تھ پيپلز پارٽي جو موقف آھي تھ چونڊون اڄ ڪرايون وڃن يا سڀاڻي اسان تيار آھيون، سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي آھي، پيپلز پارٽي کي ڪڏھن بھ ليول پليئنگ فيلڊ ناھي مليو.
ڪراچي ۾ بلاول ھائوس تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سعيد غني ۽ سريندر ولاسائي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي نھ رڳو سنڌ، ڪشمير، بلوچستان ۽ ملتان ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي ۽ مڪاني چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪلين سويئپ ڪيو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي.
ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جو بيانيو ملڪ قوم ۽ ادارن جي خلاف ھو، عوام اُن قسم جي سوچ کي ووٽ ناھي ڏيندي، پيپلز پارٽي مارشل لائن جي خلاف جدوجھد ڪئي پر ڪڏھن بھ ادارن تي حملا نھ ڪيا.
ھن چيو تھ ھڪ پارٽي چونڊون نھ ٿي چاھي، پر اسان جو موقف آھي تھ چونڊون اڄ ڪرايون وڃن يا سڀاڻي اسان تيار آھيون،
ھڪ پارٽي ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ چاھي ٿي، ملڪ کي ايٽمي قوت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻايو ۽ ملڪ کي سي پيڪ ڏيڻ وارو آصف علي زرداري آھي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھر سياسي پارٽي ملڪ ۾ پولورائيزيشن جي ڳالھھ ڪئي پر پيپلز پارٽي عوام کي متحد رکيو، بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو واحد ميچوئر ليڊر آھي جيڪو سڀني کي جوڙڻ جي ڳالھھ ڪري رھيو آھي ۽ پيپلز پارٽي واحد پارٽي آھي جيڪا چئي رھي آھي تھ سڀني کي گڏ کڻي ھلجي، ھر پارٽي ماڻھن کي تقسيم ڪرڻ جي سياست ڪئي پر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.
ھن چيو تھ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان ايم ڪيو ايم جي اتحاد تي پٽڪو ڪرڻ وارا ھاڻي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري رھيا آھي، جيڪي بھ نوان اتحاد جڙي رھيا آھن، اھا ڪا وڏي وڏي ڳالھھ ناھي، پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو ۽ انشااللھ عام چونڊن ۾ بھ ڪلين سوئيپ ڪندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
08th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن جو بنيادي حق آ
08th Sep 2025
•
سندھ
صدر یو بی جی زبیرطفیل کا پالیسی ریٹ سنگل ڈیجٹ پر لانے کا مطالبہ
08th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ برسات سبب نديون نالا ۽ نئيون ڀرجي وهڻ لڳيون
08th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ويجھو وڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي
08th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
فريال ٽالپر جي صدارت ۾ زرداري هائوس ڪراچي ۾ پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي تنظيم بابت اهم اجلاس
08th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان ۾ جڏهن به جدوجهد جو وقت آيو آهي تہ سڀ کان پهرين سنڌين جدوجهد ڪئي آهي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
پيپلز پارٽي
شرجيل انعام ميمڻ
دھشتگردي
0 تبصرے