آصف علي زرداري جي نئون ديرو ھائوس مان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو آمد

آصف علي زرداري ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

آصف علي زرداري جي نئون ديرو ھائوس مان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو آمد

نئون ديرو: پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هيلي ڪاپٽر ذريعي نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويو.
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين ڀٽو شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري فاتح خواني بعد دعا گهري.
پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪيترو ئي وقت مزار جي احاطي اندر شهيدن جي مزار سامهون ويهي پاڪ ڪتاب جو ورد پڻ ڪيو.
اڳوڻي صدر جي آمد کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرائي بند ڪيو ويو هو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري شهيدن جي مزارن تي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.