شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جو مشاورتي اجلاس ٿي گذريو

اجلاس جي نگراني آرگنائيزر مرڪزي جماعت اھلسنت فضل اللہ نوراني ڪئي

شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جو مشاورتي اجلاس ٿي گذريو

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جامعہ مجيديه تعليم القرآن درگاهہ شريف ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور جو مشاورتي اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت میان محمد سالم جان ھاشمي سابق امیرمرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور ڪئي ان موقعي تي مهمان خاص سيد ضمير حسين شاه جيلاني پير سائين ميان صفدر حسین انڊڙ، حضرت علامہ مفتی محمد صدیق القادری، علامہ لطف اللہ قادری جن شرڪت ڪئي ان موقعي تي شڪارپور شهر سان تعلق رکندڙ علماء اھلسنت ۽ عوام اہلسنت ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري مشاورتي اجلاس کي وڌيڪ مان ڏنو، مشاورتي اجلاس جي نگراني صاحبزادہ فضل اللہ نوراني آرگنائيزر مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع شڪارپور جن ڪئي، ان موقعي تي علامہ رضاءالمصطفی سڪندري مولانا محمد طاھر حسيني چيو ته جيڪو مفتي محمد جان نعیمي جو حڪم ھوندو اسان حاضر آهيون، مولانا دلمراد ظاهري جن چيو ته مرڪزي جماعت اھلسنت اڪابرن جي جماعت آهي مولانا خالد حسين حسيني چيو ته شڪارپور ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جو ڪم تيزي سان ڪنداسين ۽ بھترين طريقي سان ڪم ھلي رھيو آھي، وڌيڪ محمد آصف بلوچ چيو ته تنظيم سازي سان گڏ فلاحي ڪمن کي به ترجيح ڏني ويندي. غلام مصطفيٰ برڑو چيو ته مرڪزي جماعت اھلسنت اھلسنت جي نمائنده جماعت آهي سيد عبدﷲ شاھ بخاري ميان خالد حسین انڊڙ ۽ ٻين پاران شرڪت ڪئي