ڪنوينر ڪامريڊ وشنو مل , ناز مٺو , شير , ڄيٺو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
ڪڙيوگهنور (رپورٽر) ڪڙيوگهنور ۾ تعليم بچايو ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا گرلس اسڪول جي عمارت نه ٺهڻ ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جا ڪلاس شروع نه ٿيڻ خلاف تعليم بچايو ڪاميٽي جي ڪنوينر ڪامريڊ وشنو مل , ناز مٺو , شير , ڄيٺو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجوهين 25 ڏينهن به احتجاجن بک هڙتال ڪئمپ جاري رکي ويئي , ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان جي نياڻين جو مستقبل تعليم ۾ آھي ,هتي وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن جديد دور ۾ گرلس اسڪول نه هئڻ ڪري معصوم نياڻيون تعليم لاء سراپا احتجاج ڪري رهيون آھن پر نااهل حڪمرانن جي ڪن تي جون به چڪ نه سري , ڪرپٽ ٺيڪدار گرلس اسڪول جا 40 ڪروڙ روپيا هڙپ ڪري گم ٿي ڀڄي ويو آھي انهي خلاف به ڪو قدم کڻڻ لاء تيار ناهي , هائير سيڪنڊري اسڪول جي عمارت 5 سالن کان ٺھيل آھي پر ان جا ڪلاس اڃا تائين شروع ناهين ٿي سگهيا نه ئي انهي ۾ اسٽاف پرنسپال ليڪچرار ۽ ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آھي , اڳواڻن چيو ته ڪير به نوٽس وٺڻ لاء تيار ناهي , جيستائين جائيز مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين هي احتجاج جاري رهندو , ياد رهي ته هي احتجاجن بک هڙتال پنجوهين 25 ڏينهن کان جاري ساري آھي مگر اڃا تائين ڪو به سياسي ڪامورو تعليم آفيسر ڪئمپ تي اڃا تائين ناهي پهتو
0 تبصرے