فريال ٽالپر سان پ پ جي رٺل اڳواڻ خير محمد کوکر ۽ سندس پٽ جي عبدالستار بچاڻي سان گڏ ملاقات

خير محمد کوکر عام چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر امداد پتافي سان ڪانٽي جو مقابلو ڪيو هو

فريال ٽالپر سان پ پ جي رٺل اڳواڻ خير محمد کوکر ۽ سندس پٽ جي عبدالستار بچاڻي سان گڏ ملاقات

ٽنڊوالهيار: گذريل عام چونڊن ۾ پ پ کان رُٺل اڳواڻ حاجي خير محمد کوکر ۽ سندس پٽ ذوالقرنين کوکر جي پ پ سينئيراڳواڻ حاجي عبدالستار بچاڻي سان گڏ زرداري هائوس ڪراچي ۾ فريال ٽالپر سان ملاقات ٿي آهي ۔جڏهن ته سوشل ميڊيا تي انهن مٿان مختلف قسم جا سوشا ڇڏيا پيا وڃن حاجي خير محمد کوکر گذريل عام چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ پتافي خاندان کي ملڻ سبب پ پ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا ۽ هن جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان گزريل اليڪشن ۾ پتافي سان مقابلي لاء ميدان ۾ لٿو هو، حاجي خير محمد کوکر عام چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر امداد پتافي سان ڪانٽي جو مقابلو ڪيو هو ۽ ڪجھ ووٽن تان شڪست ٿي هئي حاجي خير محمد کوکر ۽ ذوالقرنين کوکر جي فريال ٽالپر سان ملاقات اهميت اختيار ڪري وئي جنهن بعد ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ اهم تبديلي جا چٽا امڪان نظر اچي رهيا آھن، ۽ ان سلسلي ۾ ضلعي ٽنڊوالھيار جي سينئر پارٽي عھديدارن ۽ ڪارڪنن ۾ خوشي جي لھر نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته اهي به چئو ٻول هلي رهيا آهن ته سردار حاجي خير محمد کوکر پيپلزپارٽي جو ٽڪيٽ ملڻ جي شرط تي پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي