ٺٽو: اي ڊي سي ون پاران پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جا دورا

محمد علي خواجا استادن، اسٽاف ۽ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ مختلف شعبن جو معائنو پڻ ڪيو

ٺٽو: اي ڊي سي ون پاران پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جا دورا

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي خاص هدايتن تحت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۽ گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ مڪلي جو اوچتو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. هُن استادن، اسٽاف ۽ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ ڪاليج جي مختلف شعبن جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪاليج انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو جديد دور جي تقاضائن مطابق وڌيڪ بهتري آڻين جڏھن تہ استادن ۽ اسٽاف خاص ڪري شاگردن جي حاضري ھر صورت ۾ يقيني بڻائڻ سميت مسلسل غير حاضر رھندڙ اُستادن ۽ اسٽاف خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هُن چيو ته غير فعال ٽيڪنيڪل مشينري ۽ ٻيو سامان درست ڪيو وڃي ۽ انهن شعبن کي فعال بڻايو وڃي ته جيئن شاگرد فني تعليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور ٽيڪنيڪل دور آهي ان ڪري ٽيڪنيڪل تعليم وقت جي اھم ضرورت آهي، هتي جي نوجوانن کي گُهرجي ته هو وڌ ۾ وڌ ٽيڪنيڪل شعبي ۾ تعليم حاصل ڪن تہ جيئن ھو نه رڳو پنهنجي صوبي پر ملڪ ۽ قوم جو نالو پڻ روشن ڪري سگهن. هُن چيو ته مُلڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي تعليم سان گڏ ھُنر ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي جنهن کي اسين ٽيڪنيڪل (فني) تعليم چئون ٿا. هُن چيو ته جن مُلڪن ٽيڪنيڪل تعليم کي عام تعليم جو حصو بڻائي ان تي ڌيان ڏنو انهن مُلڪن ۾ معاشي ترقي جي رفتار تيز آهي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر استادن ۽ عملي جي لسٽ، شاگردن جي داخلا، ڪمپيوٽر ليب ۽ مشينري جا تفصيل پڻ معلوم ڪيا جڏهن ته ڪاليج انتظاميه پاران درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو ويو. دوري دوران گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جو پرنسپال خالد محمود اختر، پرنسپال پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ سيف الدين عباسي سميت استاد، عملو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ان کان علاوه اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو اقبال احمد تنيو گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن گهارو جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو سجاد احمد انصاري گورنمينٽ گرلز ووڪيشنل اسڪول ۽ گورنمينٽ گرلز ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ٺٽو جو دورو ڪري مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ سموري صورتحال جو جائزو پڻ ورتو.