English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئشن ۽ سنڌ تپيدار ايسوسيئشن جو احتجاج
174 views
|
30th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
روينيو کاتي جي ملازمن پاران آفيسن جي تالابندي ڪري ڊي سي افيس مڪلي آڏو ڪيمپ قائم ڪري ورتي
ٺٽو(شفيق ڀٽي)آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئشن ۽ سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي پاران پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا توڙي ڊي سي ٺٽو پاران ملازمن خلاف شروع ڪيل انتقامي ڪاروائين واري عمل خلاف روينيو کاتي جي سمورن ملازمن پاران آفيسن جي تالا بندي ڪري ڊي سي آفيس مڪلي جي احاطي ۾ قائم ڪيل بک ھڙتالي ڪئمپ تي پھچي ملازم اڳواڻن فھد ٻٻر، رياض شاھ، سڪندر منگسي، غلام نبي ملاح، رياض آرائين، اسماعيل جتوئي، سلطان جمالي، حسن ناريجو، آصف بلوچ، وسيم جان جوکيو چيو تہ ڊي سي ٺٽو روينيو کاتي ٺٽي جي ملازمن کي بلاجواز پريشان ڪري سندن خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪري تپيدارن جون جبري بدليون ڪيون پيون وڃن، جيڪو عمل ھر گز برداشت نہ ڪيو ويندو. ھنن چيو تہ روينيو ڪالوني جي ڪواٽرن، سندس رھائشي ڪالوني لاء مختص ٿيل پلاٽن تي بہ قبضا برقرار آھن، مٿان وري ٺٽي ضلعي ٺٽي جي روينيو کاتي جي ملازمن کي اڃان تائين پروموشن ملي ناھن سگھيا آھن ۽ نہ ئي ڊي سي افيس ۾ قائم مختلف برانچن جي ملازمن کي پيئڻ جي پاڻي سميت اسٽيشنري ٿي ملي، ملازم اڳواڻن فھد ٻٻر، سڪندر منگسي ۽ ٻين گھر ڪئي تہ سندن جائز مسئلا حل ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي، احتجاجي ڪئمپ تي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جو چيئرمين عبدالحميد پنھور، حاجي حنيف ميمڻ، آپڪا اڳواڻ عبدالڪريم ڀاند، حاجي اشرف خشڪ، اُُحمد نواز پٺاڻ، پ ٽ الف اڳواڻ شريف تنيو ۽ ٻين پھچي ملازمن سان يڪجھتي توڙي ھمدردي جو اظھار ڪندي ساڻن ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪندي سندن جائز مسئلا حل ڪرائڻ جي بہ خاطري ڪرائي ويئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
روينيو سنڌ
ايسوسيئشن
سنڌ تپيدار
0 تبصرے