لاڙڪاڻي ۾ 4 ڏينھن اڳ پاڻ کي باھھ ڏيندڙ اھلڪار دم ڏئي ڇڏيو

پوليس والد کي نڌڻڪو ڪري ماريو آھي، ايس ايس پي آفيس ۾ ويٺل رشوت خور عملو قتل ۾ ملوث آھي: عابد دايو

لاڙڪاڻي ۾ 4 ڏينھن اڳ پاڻ کي باھھ ڏيندڙ اھلڪار دم ڏئي ڇڏيو

لاڙڪاڻو (بيورو) 4 ڏينهن اڳ الهه آباد ٿاڻي تي پاڻ ساڙيندڙ پوليس اهلڪار يعقوب دايو زندگي جي جنگ هارائي ويو، پوليس اهلڪار سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ زير علاج هو رتوديرو جي رهواسي سپاهي يعقوب دايو رٽائرمينٽ لاءِ ڏنل درخواست منظور نه ٿيڻ خلاف ٿاڻي اندر پيٽرول هاري باھ ڏني هئي يعقوب دايو جو 75 سيڪڙو جسم سڙي ويو هو، وارثن طرفان لاڙڪاڻو پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، عابد دايو جو چوڻ آھي تھ والد کي پوليس اختيارين ننڌڻڪو ڪري ماريو آهي، لاڙڪاڻي اسپتال مان 16 هزار ايمبولينس جا ڏئي ڪراچي روانو ڪيو ويو، ڪراچي ۾ پوليس اختيارين ڪا سار نه لڌي، والد تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ايس ايس پي آفيس ۾ ويٺل رشوت خور عملي والد کي خودڪشي ڪرڻ جهڙي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو