English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ايس ٽي پي پاران شھداءِ سنڌ جلوس منعقد، گلزار سومرو، حميدھ گھانگھرو ۽ ٻيا شريڪ
115 views
|
29th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحالي ۽ بقا خاطر ويڙهه ڪندي شهادت جو جام پيئندڙ سڀ اسان جا شهيد ۽ هيرو آهن: اڳواڻ
ملير (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ملير پريس ڪلب آڏو يوم شهداءَ سنڌ جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مرڪزي وائيس چيئرمين گلزار سومرو، حميده گهانگهرو، ماما رحيم بلوچ، حيات تنيو، شبير چانڊيو، نصرت سومرو، نادر مگسي سميت ٻين اڳواڻن جي شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي مرڪزي وائيس چيئرمين گلزار سومرو چيو ته مادر وطن سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحالي ۽ بقا خاطر ويڙهه ڪندي جن به شهيدن شهادت جو جام پيتو آهي اهي سمورا اسان جا شهيد ۽ هيرو آهن جن کي ياد ڪرڻ لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي هر سال يوم شهداءَ ڏهاڙو ملهائي کين خراج تحسين پيش ڪندي آهي هن چيو ته سنڌ هن وقت ڏکي دور مان گذري رهي آهي جنهن لاءِ ٻڌي جي ضرورت آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ ڦرلٽ جو راڄ قائم ڪري سنڌ کي تباهه ڪيو آهي اڃا به وڌيڪ تباهي لاءِ سانباها ڪري رهيا آهن هن چيو ته هن ملڪ ۾ سنڌي قوم ان آس تي شامل ٿي هئي ته اسان کي پنهنجا حق ملندا پر ملڪ جي ٺهڻ سان حق ملڻ ته پري جي ڳالهه رهي پر سنڌ جي وسيلن تي قبضن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڌرتي ڌڻين سان ٻه اکيائي وارو سلوڪ روا رکيو ويو سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا ويا هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪير حق جي ڳالهه ڪري پيو ته انهن لاءِ جيلن جا در کوليا پيا وڃن يا انهن کي شهادتون نصيب ٿيون اهڙي طرح مادر وطن جي حقن جي حاصلات لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي وڏي لسٽ آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ پنهنجي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطين مٿان ٿيل حملي ۽ دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسرائيل هزارين فلسطينين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جي قتل ۾ ملوث ۽ عالمي دهشت گرد آهي اسرائيل جي اهڙي عمل سان دنيا اندر دهشتگردي کي هٿي ملندي. تقريب ۾ حميده گهانگهرو، ماما رحيم بلوچ، حيات تنيو، شبير چانڊيو، نصرت سومرو، نادر مگسي، صدا بليدي، گل ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
سنڌ ترقي پسند پارٽي
ملير پريس ڪلب
يوم شهداءَ سنڌ جلسو
0 تبصرے