سکر ۾ ڦر دوران مارجي ويل نوجوان جي وارثن ۽ شهرين جو لاش رکي ڌرڻو

ايس ايس پي عرفان سمون مظاهرين وٽ پهچي ويو، قاتلن جي گرفتاري جي خاطري

سکر ۾ ڦر دوران مارجي ويل نوجوان جي وارثن ۽ شهرين جو لاش رکي ڌرڻو

سکر: سکر ۾ قريشي روڊ تي ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڪريم بخش عرف صادق تنيو جي وارثن پاران هنيل ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ شهرين جي به شرڪت، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ڦر دوران ڏوهاري نوجوان کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، سندس ڀاءُ به موت سان جنگ وڙهي رهيو آهي، ڊاڪٽر مقتول جي ڀاءُ محمد قاسم تنيو جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي رهيا آهن، پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايڇ او نيوپند سان گڏ مقتولن جي وارثن وٽ پهچي ويو، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ڏوهارين جو پتو لڳائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جماعت اسلامي پاران نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، ايس ايس پي جي خاطري بعد ڪريم بخش عرف صادق تنيو جي ڌرڻي واري هنڌ جنازي نماز ادا ڪئي وئي