سکر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو، سندس ڀاءُ زخمي

فائرنگ ۾ ڪريم بخش عرف صادق تنيو مارجي ويو، سندس ڀاءُ محمد قاسم زخمي ٿي پيو

سکر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو، سندس ڀاءُ زخمي

سکر(بيورو) سکر ۾ بدامني، ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان دوڪاندار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سندس ڀاءُ زخمي، قريشي ڳوٺ ۾ واقع ايزي لوڊ جي دوڪان تي چار هٿياربند ڦر جي ارادي سان داخل ٿيا. ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان ڪريم بخش عرف صادق تنيو موقعي تي مارجي ويو. ۽ سندس ڀاءُ محمد قاسم تنيو زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. فائرنگ بعد هٿياربند موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي فرار ٿي ويا. پوليس هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رھي.