English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ ويسٽ پريس ڪلب ۽ گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي گڏيل سھڪار سان ميڊيڪل ڪيمپ قائم
views
|
22nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ٻارڙن سميت مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن کي تپاسي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون
گڏاپ (رپورٽر)گڏاپ ۾ ويسٽ پريس ڪلب ۽ گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي گڏيل سھڪار سان ھڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ ڪميونٽي ڪيئر ٽرسٽ ۽ ياسمين ميڊيڪل سينٽر جي سهڪار سان مفت طبي ۽ هيپاٽائيٽس سي جي تشخيص ۽ علاج جي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن سميت مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن کي تپاسي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ڪيمپ ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر عبدالعليم ميمڻ. ڊاڪٽر طارق خان. ليڊي ڊاڪٽر الماس خان. ڊاڪٽر سڪينہ ۽ ڪميونٽي ڪيئر ٽرسٽ ڪراچي جي عهديدارن عمران علي، ڪامران شاهه، توفيق احمد منگي، هزار خان سومرو، مجيب انصاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صحافين نبي بخش خاصخيلي. عبدالعليم ميمڻ چيو ته ڪيمپ جو مقصد مقامي آبادي کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ کين صحت بابت آگاهي ڏيڻ هو. انساني همدردي تحت گڏاپ جي پٺتي پيل علائقن ۾ مفت طبي ڪئمپون قائم ڪري غريب ۽ مستحق ماڻهن کي طبي سهولتون ميسر ڪري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڪميونٽي ڪيئر ٽرسٽ جي ترجمان شيخ سرور چيو ته صاف پاڻي نه ملڻ سبب هيپاٽائيٽس سي جي شرح وڌي رهي آهي. حڪومت پٺتي پيل علائقن ۾ اھڙيون مفت طبي ڪئمپون قائم ڪري ته جيئن هتي جا ماڻهو پنهنجن پيارن جو علاج ڪري سگهن. جڏھن ته ماھر ڊاڪٽرن چيو ته گڏاپ يوسي شاھ مريد جي بابا بلوچ اسٽاپ تي ڪيمپ ۾ آيل مريضن جو تعداد ٽي سئو کان وڌيڪ رھيو. جنھن ۾ خاص ڪري چمڙي جي بيماري. نزلو زڪام. ياد خوراڪ جي گھٽتائي سبب وٽامن بي ۽ عورتن ۾ جرنل ڪمزوري جي مريضن کي تپاسي کين مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ھنن چيو ته اسين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته گڏاپ جي مختلف يوسين ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ھتان جا رھواسي ھن مھانگائي جي دور ۾پنھنجي پيارن جو علاج ڪرائي سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
ويسٽ پريس ڪلب
گڏاپ نيشنل پريس
مفت ميڊيڪل
ڪميونٽي ڪيئر ٽرسٽ
0 تبصرے