مورو ۾ ايريگيشن ڪالوني واسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

بااثر طارق زرداري پنهنجا هٿياربند وٺي اسان جي پلاٽن تي قبضو ڪري ورتو آھي: مظاھرين

مورو ۾ ايريگيشن ڪالوني واسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

مورو (رپورٽر) مورو شھر جي راشد ماڊل ٽائون لڳ ايريگيشن ڪالوني مورو جي رھواسين با اثر شخص پاران پلاٽن تي قبضو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قبضو ختم ڪري تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي بعد ۾ متاثرين ايڊووڪيٽ ھائي ڪورٽ عبدالحميد ڏاهري عبدالستار ڏاهري گوهر ڏاهري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 9 سال پھريان سروي نمبر 624 لڳ ايريگيشن ڪالوني تي غلام الله ڪورائي راشد ماڊل ٽائون جي نالي ھڪ اسڪيم شروع ڪئي جتي اسان لڳ ڀڳ 30 پلاٽ خريد ڪيا جن مان اڌ کان وڌيڪ پلاٽن جي اسان کي رجسٽري ملي باقي پلاٽن جو ايگرينميٽ ٿيون ۽ ايگرينميٽ موجب اسان اڌ قيمت ادا ڪئي ۽ اڌ قيمت پڪي رجسٽري وقت ادا ڪرڻ جا پابند آھيون ۽ اسان اتي پنهنجا پڪا گهر به ٺهرائي ڇڏيا آهن هاڻي اوچتو بااثر طارق زرداري پنهنجا هٿياربند ماڻهو وٺي اسان جي پلاٽن تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن تي بااثر سخص جو اسان سان ڪو بہ ونھوار تعلق نه آھي اگر ھن جو ڪو ونھوار آھي ته اھو غلام الله ڪورائي سان آھي ھي ڪٿان جو انصاف آھي ته گھر ٺاھي ويٺل رھواسين کي پنهنجن گهرن کان بي دخل ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن