مدئجي ويجھو جيھا شر ڌرين ۾ خوني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جو جرڳو

جرڳو نجف ڪماريو ۽ سيد جنيد شاھ راشدي جي سرپئنچي هيٺ راشدي هائوس تي ٿي گذريو

مدئجي ويجھو جيھا شر ڌرين ۾ خوني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جو جرڳو

مدئجي (رپورٽر) مدئجي ويجهو بهمڻ پلاٽ لڳ جيها-شر خوني تڪرار تان جيها برادري جي هڪ نوجوان جو قتل شر برادري مٿان ثابت ٿيڻ جو جرڳو نجف ڪماريو ۽ سيد جنيد شاھ راشدي جي سرپهنچي هيٺ نئون ديرو لڳ راشدي هائوس تي ٿي گذريو. ساجد جيهو ۽ بخت علي شر ڌرين وچ ۾ جرڳو ٿيو جنهن ۾ يونس جيهو جو قتل بخت شر جي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي 18 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.ڏنڊ مقرر ٿيڻ بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، شر برادري جي ماڻهن مٿان قتل ٿيل يونس جيهو جي مارائڻ جي سي اء ڊي ڪرائڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ وڌو ويو.سيد جنيد شاھ راشدي جو چوڻ ھو تھ جيها ۽ شر برادري وچ ۾ غلط فهمي تان مامرو هلندڙ هيو جن جو فيصلو ڪيو آهي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون آهن-