سنڌڙي جي درگاھ حضرت سائين فقير بشام بروهي رح جي آسڻ ۾ يارهين شريف جي محفل منعقد

ممبرِ رسول صلي الله عليه وسلم کي حق ۽ سچ جي آگاهي لاءِ استعمال ڪيو وڃي: سيد غلام حيدر شاھ

سنڌڙي جي درگاھ حضرت سائين فقير بشام بروهي رح جي آسڻ ۾ يارهين شريف جي محفل منعقد

ميرپورخاص(بيورورپوٽ) انجمن غلامان قلندر جي سرواڻ، عالم ۽ نامياري ليکڪ سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري چيو آھي ته، ممبرِ رسول صلي الله عليه وسلم کي حق ۽ سچ جي آگاهي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جنهن سان اصلاح امتِ محمديﷺ ٿي سگهي، نه ڪي ممبر رسولﷺ کي مذاق، ٺٺوليون يا اهڙين حرڪتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي جن سان ندامت کي منهن ڏيڻو پئي، آخري زماني ۾ حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي بيوقوف سمجهيو ويندو ۽ مڪار ۽ دوکي باز کي هوشيار ۽ عقلمند سمجهيو ويندو، سائين اھا ڳالھه، درگاھ حضرت سائين فقير بشام بروهي رح (سنڌڙي) جي آسڻ ۾ يارهين شريف جي سلسلي ۾ رٿيل محفل هديه ڪثرتِ درود پاڪ جي پروگرام ۾ پنھنجي روحاني ۽ اصلاحي خطاب دوران ڪئي، جنهن ۾ 6 ڪروڙ 12 لک 71 هزار درود پاڪ، 2 ختم القرآن ۽ 3 دلائل الخيرات جي اجتماعي دعا گهري وئي، سائين وڌيڪ چيو ته، جتي ڪاوڙ هوندي اتي شيطان هوندو، جتي معاف ڪرڻ، عاجزي انڪساري هوندي اتي ايمان هوندو، ايمان صبر، برداشت ۽ بردباري گهري ٿو، ايمان جي طاقت سان دنيا کي فتح ڪري سگهجي ٿو، محبوب ڪريم صه جي تعليمات مان درس ملي ٿو تڪليفن جي باوجود ڪنهن کي بد دعا نه ڏيو، بد دعائون ڏيڻ سان مليل امانتون کسيو وڃن ٿيون، سائين چيو ته، الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو پاڻ ۾ تفرقو نه پيدا ڪريو، محبوب ڪريمﷺ جي ذات انسان ذات لاءِ فضلِ عظيم آهي جنهن مان اسان کي مستفيد ٿيڻ گهرجي، ڪثرتِ درود پاڪ وڏي ۾ وڏو صدقو آهي، سائين چيو ته، استاد اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار رکندڙ هجي ڇو جو شاگرد اهو ئي خاندان ۽ معاشري ڏانهن منتقل ڪندو جيڪو هو پنهنجي استاد کان سکندو، سائين چيو ته، اسان پريشانين ۽ تڪليفن ۾ مبتلا تڏهن ٿيا آهيون جڏهن اسان محبوب ڪريمﷺ جي دامن کي ڇڏيو آهي، محبوب ڪريم صه ته قيامت جي ڏينهن گنهگارن جي شفاعت جو به ذمو پاڻ تي کنيو آهي، سائين چيو ته، جيڪڏهن توهان فتنن، فسادن، بيمارين، وبائن ۽ رزق جي تنگي ۾ مبتلا ٿي وڃو ته صدقو ڪريو، سائين چيو ته، ٻين تي سوچڻ ڇڏي پاڻ تي سوچجي ۽ غلطيون ڳولجن، عمل ڪرڻ سکجي، گھٽ ڳالهائجي، پنهنجي ذات کي اھميت ڏيڻ جي بجاءِ ٻين کي عزت ۽ اھميت ڏجي ته سڀئي فتنا فنا ٿي ويندا، سائين چيو ته، خاموشيءَ ۾ خوشي آھي ۽ خوشيءَ ۾ خوشخبري آھي ۽ خوشخبريءَ ۾ ديدارِ يار لڪيل آهي، ديدارِ يار ۾ ئي سڄو نچوڙ عشق آھي، سائين چيو ته، عمليات ۽ شارٽ ڪٽ کان پري رهڻ گهرجي، اھڙن ماڻھن کان بچڻ گھرجي جيڪي وڏا خواب ڏيکارڻ جون دعوائون ڪن، پوءِ وڏو اٺ وڏو لوڏو ڏيندو، تنھن ڪري بھتر آھي ته پڪي ۽ پختگي واري ٻولي ڳالهائجي ۽ اھڙن سان رابطي ۾ رهڻ سکجي، اھو نه سوچجي ته مون ڇا ڇا نه ڪيو آهي ۽ ھاڻي ڇا ٿيندو؟ بس ڇا مان ٻاھر نڪرو، ان خيرخواهه جي نمائندي واري ڳالهه تي بيهي رهو جنھن ضرور اوھان کي سڌي راهه ڏيکاري ھوندي، پروگرام جي شروعات درگاھ تي چادر چاڙهي تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، محفل ۾ ميرپورخاص، سنڌڙي ۽ پسگردائيءَ جي علائقن مان وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، محفل ۾ نعت خواني پڻ ڪئي، ان موقعي تي علامه مولانا مير محمد راڄڙ، فقير عثمان بروھي، فقير خان محمد بروھي، فقير استاد غلام فاروق بروھي، علي اصغر لاشاري، مشتاق علي نھڙي، معشوق علي منڱريو، امام علي بروھي، قربان ڪپري، محمد ابراهيم هاليپوٽو، محمد جمن جروار، محمد رفيق ھنڱورو، محمد موسيٰ ھاليپوٽو، مظفر علي لاشاري، علي محمد لاشاري، صفدر علي بروھي، شرافت علي بروھي، نعمان علي بروھي، قربان علي لاشاري، منظور علي مري، نجيب الله ميرجت، فقير خدا داد بروھي، محمد رمضان بروھي، محمد بچل لاشاري، خدا بخش ڪنڀار، صدام حسين جوڻيجو، آفتاب علي ميرجت ۽ خادم لاشاري پڻ موجود هئا.